ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي واپاري قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ايس پي سھراب ڳوٺ ڌرڻي وري ھنڌ پھچي. مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي واپاري قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي بسم الله مارڪيٽ ۾ ڦر مزاحمت دوران ھڪ واپاري قتل. ٻيو زخمي. واپارين مقتول جو لاش رکي احتجاج. ڌرڻو. پنج ڪلاڪ حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند. گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ٽريفڪ جام. ھزارين مسافر پريشان. واقعي جو ڪيس داخل. ايس پي سھراب ڳوٺ ڌرڻي وري ھنڌ پھچي. مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب. ڪراچي سبزي منڊي ڀرسان بسم الله مارڪيٽ ۾ چار ھٿياربندن جي واپارين کان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي واپاري تاج محمد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن تہ ڀر ۾ ٻيو واپاري حاجي وارث شديد زخمي ٿي پيو. جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول جو لاش پوسٽ کانپوءِ وراثن حوالي ڪيو ويو جنھن کانپوء واپارين مقتول جو لاش ايمبولينس م رکي سپر ھاء وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. پنج ڪلاڪ مين سپر ھاءِ وي کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. جنهن سبب ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٻنھي پاسن کان جام ٿي وئي. جتي مظاهرين قاتلن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سائيٽ سپر ھاءِ وي پوليس واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. پوليس جي موبائل گيٽ ٻاھران بيٺل ھئي جنھن وقت ھي واقعيو پيش آيو آھي. پر پوليس اندر اچڻ جي زحمت نه ڪئي. ھنن چيو ته چار ھٿياربند سرعام ھٿيار کڻي بسم الله مارڪيٽ ۾ داخل ٿيا آهن. ڏينھن ڏٺي سرعام واپارين کان ڦر جي ڪوشش ڪئي واپارين جي مزاحمت دوران ھٿياربندن واپاري تاج محمد کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڀر واري دڪاندار حاجي وارث کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگھي آھي. ھنن چيو ته سبزي منڊي ۾ پوليس جي چوڪي قائم ٿيل آھي پر پوليس واپارين کي تحفظ ڏيڻ ۾ناڪام ٿي چڪي آهي. ھنن چيو ته صبح کان ھي واقعيو پيش آيو آھي پر چار ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس اسان سان رابطو ناھي ڪيو. مظاھرين اعلي اختيارين کان واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻي طرف مظاھرين سان ڳالھين لاءِ ايس پي سھراب ڳوٺ سھيل فيض. ايس ايڇ او سائيٽ سپر ھاءِ وي اورنگزيب خٽڪ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي وارثن پاران جائز مطالبا تسليم ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ھڪ ھفتي اندر گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ کانپوءِ مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.