English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دفاعِ پاڪستان ونگ جي چيئرمين سيدسعيد حسين شاهه الطاف شيرازي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
95 views
|
20th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي)دفاعِ پاڪستان وينگ جي چيئرمين سيدسعيد حسين شاهه الطاف شيرازي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، تنظيم سازي، يومِ آزادي تقريبن ۽ قومي سلامتي بابت صلاح مشورا دفاعِ پاڪستان وينگ جي چيئرمين سيد حسين شاهه الطاف شيرازي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ تنظيمي معاملن، تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ، 14 آگسٽ يومِ آزادي پاڪستان جون تقريبون، قومي يڪجهتي جي فروغ ۽ ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو. اجلاس جي شروعات ۾ وطنِ عزيز پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي، جڏهن ته شهداءِ پاڪستان کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندن بلند درجن لاءِ فاتحه خواني ۽ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ تنظيم جي عهديدارن،زوهره جاکهروعبدلمنان ترين احسان ڀٽي بابواڪبربلوچ گلزاراحمد ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن شرڪت ڪئي ۽ تنظيم جي ايندڙ سرگرمين، عوامي رابطي جي مهم، قومي يڪجهتي جي واڌاري ۽ يومِ آزادي جي تقريبن کي ڀرپور نموني ملهائڻ بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. اجلاس دوران بلوچستان جي امن امان واري صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو، جتي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي ۽ رياست مخالف سرگرمين جي خاتمي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيڪي قانون ۽ آئين جي دائري اندر پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن، انهن جي حمايت ڪئي وڃي ٿي. اجلاس ۾ ملڪ جي امن، استحڪام ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ قانون موجب کنيل قدمن جي مڪمل تائيد جو اظهار پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي دفاعِ پاڪستان وينگ جي چيئرمين سيدسعيد حسين شاهه الطاف شيرازي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي بزرگن جي بي مثال قربانين جو ثمر آهي، جنهن جي حفاظت، استحڪام ۽ ترقي اسان سڀني جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي. اسان کي اتحاد، نظم و ضبط ۽ وطن سان محبت جي جذبي سان ملڪ جي خدمت ڪرڻ گهرجي. 14 آگسٽ رڳو جشنِ آزادي ملهائڻ جو ڏينهن ناهي، پر شهداءِ پاڪستان جي قربانين کي ياد ڪرڻ، قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين نسل ۾ وطن سان محبت جو جذبو بيدار ڪرڻ جو ڏينهن پڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ رياست مخالف عنصرن خلاف آئين ۽ قانون موجب کنيل قدم ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهن، ۽ دفاعِ پاڪستان وينگ هر اهڙي قانوني قدم جي حمايت ڪندو، جيڪو پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائي. دفاعِ پاڪستان هميشه قومي مفاد، قومي اتحاد ۽ عوامي خدمت لاءِ پنهنجو مثبت ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
دفاعِ پاڪستان ونگ جي چيئرمين سيدسعيد
0 تبصرے