آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن جي تمام تفصيلات قوم آڏو آندي وڃي: محمد حسين محنتي

ضروري آهي ته وياجي نظام ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات حاصل ڪئي وڃي

آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن جي تمام تفصيلات قوم آڏو آندي وڃي: محمد حسين محنتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي آءِ ايم ايف جي فرمائش تي وفاقي بجيٽ ۾ 215ارب جا وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جي نويد کي بدترين غلامي ۽ پي ڊي ايم حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن جي تمام تفصيلات کي قوم جي سامهون آندو وڃي.هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان اڳ ۾ ئي بجيٽ کي مسترد ڪري چڪا آهيون ڇو ته هي صرف انگن اکرن جو هيرڦير وياج ۽ قرضن جي معيشت جي بجيٽ آهي، جنهن جو وڏو حصو وياج توڙي قرضن جي واپسي ۾هليو ويندو.انڪري منظورٿيندڙ بجيٽ حقيقتن کان ڪوهين پري آهي.حڪمرانن جي مفاد پرستي توڙي ناڪام معاشي پاليسن سبب زندگي جو هرشعبو زبون حالي جو شڪار آهي سواءِ حڪمرانن جي ذاتي ڪاروبار ۽ شاهاڻي زندگي جي. هن گهر ڪئي ته ملڪ جي خوشحالي،عوام کي رليف ۽ معيشت جي بحالي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل بجيٽ ٺاهي وڃي جنهن لاءِ ضروري آهي ته وياج ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات حاصل ڪئي وڃي.