ميرپورخاص ۾ ناري کي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

مائٽ عثمان بلوچ هڪ عورت سان گڏ اغوا ڪيو، ٻن ڏينهن تائين زيادتي جو نشانو بڻايو ويو: ناري

ميرپورخاص ۾ ناري کي اغوا ڪرڻ بعد
 زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص: پٺاڻ پاڙي جي ناري کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف، ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته 17ورهين جي نياڻي کي مائٽ عثمان بلوچ ۽ هڪ عورت بهاني سان گهر کان ٻاهر گهرائي اغوا ڪري ويا، متاثر ناري جو چوڻ آهي ته عثمان، هڪ عورت ۽ 2 اڻڄاتل جوابدارن کيس ٻن ڏينهن تائين تشدد ڪيو ۽ عثمان کيس زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو، ٻن ڏينهن بعد جوابدار کيس بيهوشي حالت ۾ گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا