English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيب پاران بحريه ٽائون ڪراچي خلاف وڏو قدم، “علي ولا” سميت هزارين ايڪڙ زمين منجمد
159 views
|
12th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي بحريه ٽائون ڪراچي خلاف جاري ڪارروائين ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي ملڪ رياض حسين جي مبينا ذاتي رهائش “علي ولا” سميت هزارين ايڪڙ زمين منجمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ذريعن موجب نيب ڪراچي بحريه هِلز، بحريه ٽائون ڪراچي ۾ واقع “علي ولا” کي منجمد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ملڪ رياض حسين جي پٽ علي رياض ملڪ جي نالي تي تعمير ٿيل ٻڌائي وڃي ٿي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي وسيع حويلي 67 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ جديد سهولتون جهڙوڪ هيلي پيڊ، مني چڙيا گهر، سوئمنگ پول ۽ ٻيون لگژري سهولتون شامل آهن۔نيب جي ٻن نين انڪوائينرين ۾ وڌيڪ 1338 ايڪڙ زمين به منجمد ڪئي وئي آهي، جنهن بابت الزام آهي ته بحريه ٽائون ڪراچي ان تي غيرقانوني قبضو ڪيو آهي۔ اها زمين بحريه گرينز ۽ مختلف پريسنڪٽس 33، 34، 38 کان 40، 42 ۽ 61 جي تعمير لاءِ استعمال ٿيڻ واري هئي، جڏهن ته اها سرڪاري ملڪيت حڪومت سنڌ قرار ڏني پئي وڃي۔ان کان علاوه نيب بحريه ٽائون 2 جي مڪمل 3150 ايڪڙ زمين به منجمد ڪري ڇڏي آهي۔ نيب موجب اها زمين مبينا طور تي ريئل اسٽيٽ ڪمپني پاران دوکي سان حاصل ڪئي وئي هئي۔ ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪراچي طرفان ان حوالي سان الڳ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي۔ذريعن مطابق بحريه ٽائون 2 به مبينا طور تي جنگلات کاتي جي زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي۔ نيب جي حڪمن ۾ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي انهن جائيدادن يا زمينن جا حق ڪنهن به ٽئين ڌر کي منتقل نه ڪن۔واضح رهي ته نيب ڪراچي اڳ ئي احتساب عدالت ڪراچي ۾ ريفرنس نمبر 1/2025 داخل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ ضلعي ملير جي 17 هزار 672 ايڪڙ سرڪاري زمين جي غيرقانوني منتقلي، خردبرد ۽ استعمال جا الزام شامل آهن۔ريفريسن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن زمين جي ماليت لڳ ڀڳ 708 ارب رپيا آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه حڪومت سنڌ جي ڪجهه عملدارن جي مبينا ملي ڀڳت سان ٿيو۔ نيب موجب اهڙي متنازع زمين تي ايم-9 موٽروي وي جي ويجهو بحريه ٽائون ڪراچي تعمير ڪيو ويو، جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نيب پاران بحريه ٽائون ڪراچي خلاف
0 تبصرے