شڪارپور ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه آيو، رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو

ڳوٺ عبدالرحيم ماڇي مان چوريون معمول ٿي ويون آهن، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: ڳوٺاڻا

شڪارپور ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نه آيو، رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو

شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور لڳ لوڊرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرحيم ماڇي ۾ چورن جو آزار وڌي ويو حد جي پوليس چورن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي چوريون روز جو معمول بڻيل گذريل رات دير سان ڳوٺ جي غلام رضا سولنگي جي واڙي کي نامعلوم چور کاٽ هڻي هڪ ٻڪري ڪاهي فرار ٿي ويا بروقت گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ تي چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي چوئي شاخ پوليس چوڪي وٽ گم ٿي ويا متاثر ڌر حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس روايت موجب دير سان پهتي ڳوٺ عبدالرحيم ماڇي جي رهواسين جو لوڊرا پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي وڏيرو غلام رضا سولنگي, صوبدار سولنگي, وسيم رضا, عمران علي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي, چوريون روز جو معمول آهن حد جي پوليس کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر پوليس ٻڌڻ لاء تيار نه آهي, هنن چيو ته 10 ڏينهن اڳ به اسان جي زمين تي لڳل پاڻي وارو موٽر ۽ نلڪو چور چوري ڪري ويا هئا ان جا پيرا کوجي ڪتن ۽ سرڪاري پيرين جي مدد سان کنيا ويا جيڪي ڳوٺ سهڻو جعفري ۾ لڳا چورن جي نشاندهي باوجود به پوليس ڪاروائي نه ٿي ڪري چورن کان پيئسه وٺي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهي آهي, هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته لوڊرا ٿاڻي جي نااهل ايس ايڇ او اظهر شاه کي هٽائي ڪوئي سٺو آفيسر مقرر ڪري اسان کي چورن جي آزار کان بچايو وڃي ...