عمرڪوٽ ۾ معرڪهِ حق جي حوالي سان ضلعي انتظاميه طرفان ريلي ڪڍي وئي

ريلي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ شهرين جي شرڪت

عمرڪوٽ ۾ معرڪهِ حق جي حوالي سان ضلعي انتظاميه طرفان ريلي ڪڍي وئي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) معرڪهِ حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ضلعي انتظاميه عمرڪوٽ طرفان شاندار ۽ جوش ڀري ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، استادن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ريلي ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ کان اسسٽنٽ ڪمشنر رجب سٺيو ۽ مختيارڪار ابراد دائودپوٽو جي اڳواڻي ۾ رواني ٿي، جيڪا شهر جي مختلف رستن تان گذري پنهنجي منزل تي پهتي، ريلي دوران شرڪت ڪندڙن پاران “پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد” جا زوردار نعرا هنيا ويا، جڏهن ته قومي جذبن سان سرشار شهرين ملڪ سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، مختيارڪار ابرار احمد دائود پوٽو، انجنيئر ڪنهيا موھن لال، مولانا عبدالقادر جمالي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته معرڪهِ حق دوران پاڪ فوج دشمن ملڪ جي جارحيت جو دليري سان مقابلو ڪري پنهنجي بهادري، جرئت ۽ پيشوراڻي صلاحيتن جو عملي ثبوت ڏنو، جنهن تي سڄي قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، هنن چيو ته پاڪ فوج هميشه ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ هر محاذ تي بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستاني قوم هر ڏکئي گهڙي ۾ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل رهي آهي، مقررِين وڌيڪَ چيو ته هڪ سال اڳ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ پاڪ فوج هر وقت مڪمل طور تي تيار آهي، جڏهن ته قوم به ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خودمختياري لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ريلي قومي جوش، ولولي ۽ پاڪستان سان محبت جي جذبن سان پُر ماحول ۾ اختتام پذير ٿي.