English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
138 views
|
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) داؤد شورو ڳوٺ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي شهري سهولتن جي شديد کوٽ سبب رهواسي سخت ڏکائين کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ علائقي واسين جو چون آهي ته هتي سيوريج، روڊن، پاڻي ۽ بجلي جهڙيون بنيادي ضرورتون سالن کان نظرانداز ٿيل آهن، جنهن سبب روزمره جي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي۔مقامي رهواسين موجب داؤد شورو قبرستان ڏانهن ويندڙ روڊ تي مسلسل سيوريج جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو، جنهن سبب نه صرف آمدرفت ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي پر بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو پڻ وڌي ويو آهي۔ هي علائقو نئشنل هاءِ وي جي بلڪل ويجهو هجڻ باوجود مڪمل طور تي نظرانداز ٿيل آهي رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته متين ڪمپليڪس جي ڀرسان جيڪو روڊ اندروني ڳوٺن ۽ شاهه لطيف جي سيڪٽر 19-B طرف وڃي ٿي، ان جي حالت انتهائي خراب آهي۔ روڊ جڳهه جڳهه تان ٽٽل آهي ۽ سيوريج يا برساتي پاڻي سبب ڪيترن هنڌن تي گذرڻ به مشڪل ٿي ويو آهي۔مقامي ماڻهن اهو به شڪايت ڪئي آهي ته علائقي ۾ نه مناسب پاڻي جي فراهمي موجود آهي، نه بجلي جو نظام بهتر آهي، ۽ نه ئي روڊن جي مرمت لاءِ ڪو عملي قدم کنيو ويو آهي۔ گذريل 8 کان 10 سالن دوران نه ڪو چونڊيل ڪائونسلر علائقي ۾ آيو آهي ۽ نه ئي ڪو چيئرمين عوامي مسئلن کي ٻڌڻ لاءِ پهتو آهي۔عوام جو چوڻ آهي ته ترقياتي فنڊ باقاعدي جاري ٿيڻ باوجود زميني حقيقت ۾ ڪا به بهتري نظر نٿي اچي، جنهن سبب سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهي فنڊ آخر ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن۔وڌيڪ اهو ته ابراهيم حيدري ٽائون، يونين ڪائونسل چوڪنڊي جي ڪيترن ئي آبادي وارن علائقن ۾ سيوريج جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي۔ گندي پاڻي سبب ٻارڙا، عورتون ۽ بزرگ سخت صحت جي خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔رهواسين اعليٰ اختيارين، چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي
0 تبصرے