English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا جي صدارت هيٺ اجلاس
7 views
|
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس کي يوٿ انگيجمنٽ ڪاميٽي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٽائون ڪاميٽي ڪنري ۾ يوٿ انگيجمنٽ ڪاميٽي جي حوالي سان ھڪ اھم اجلاس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪنري شڪيل احمد باجوا جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪاميٽي جا سڀ نامزد ميمبر، اي ڊي ايل جي لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر کتري، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر عمرڪوٽ پرويز مري، اطلاعات کاتي جا عملدار محبت سومرو ۽ مينهل ڀٽي، ٽائون آفيسر ڪنري جھانزيب آرائين، لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ ٻيا اسٽيڪ ھولڊرز شريڪ ٿيا، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر پرويز مري اجلاس کي يوٿ انگيجمنٽ ڪاميٽي جي مقصدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪنري شڪيل احمد باجوا چيو ته نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانھن راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ هن ڪاميٽي جو قيام ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي، اجلاس دوران ڪاميٽي ميمبرن پنهنجا خيال ۽ تجويزون پيش ڪيون ۽ نوجوانن لاءِ مثبت سرگرمين جي فروغ تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ڪري هڪ جامع ڊيٽا بيس تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن نوجوانن جي صلاحيتن ۽ دلچسپين مطابق کين موقعا فراهم ڪري سگهجن، اجلاس ۾ مقامي سطح تي راندين جا مقابلا، ثقافتي پروگرام ۽ ادبي تقريبون منعقد ڪرائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس جي پڄاڻي تي چيئرمين شڪيل احمد باجوا سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته يوٿ انگيجمنٽ ڪاميٽي نوجوانن لاءِ هڪ مؤثر پليٽفارم ثابت ٿيندي، هن سڀني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن ته جيئن انهن فيصلن تي مؤثر نموني عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار زخمي
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ ۾ پاڻي جو بحران سنگين، شهري پريشان، پاڻي جي واحد پائپ لائين تي رش، ڪلاڪن تائين انتظار
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا جي صدارت هيٺ اجلاس
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول: بنون ٿاڻي جي حد مان ڌنار نينگر مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا جي
0 تبصرے