English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: اسپتال چورنگي ويجهو افسوسناڪ حادثو، 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا
7 views
|
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)اسپتال چورنگي، جنرل ٽائر ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا۔شروعاتي ڄاڻ موجب ٻئي ماڻهو روڊ ڪناري هڪ ٽريلر هيٺ سمهي پيا هئا ته اوچتو ٽريلر ڊرائيور گاڏي هلائي ڇڏي، جنهن سبب ٻئي ڄڻا ٽريلر هيٺ اچي موقعي تي ئي چيڀاٽي فوت ٿي ويا۔ اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو پيو وڃي۔ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته سندن عمرون لڳ ڀڳ 25 کان 30 ورهين جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن۔پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ٽريلر ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي، جيڪو حادثي بعد موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو۔مقامي ماڻهن موجب مذڪوره هنڌ تي رات جي وقت ٽرانسپورٽ گاڏين جي اچ وڃ گهڻي هوندي آهي ۽ ڪيترائي بي گهر ماڻهو روڊ ڪناري يا گاڏين هيٺ پناهه وٺي سمهن ٿا، جنهن ڪري اهڙن حادثن جو خطرو وڌيل رهندو آهي۔شهري حلقن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن هنڌن تي حفاظتي قدم کنيا وڃن ۽ بي گهر ماڻهن لاءِ محفوظ پناهه گاهن جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن قيمتي جاني نقصان کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Apr 2026
•
دنیا
امریکہ کے ساتھ جنگ بندی کے باوجود جنگ ختم نہیں ہوئی، دشمن کے اہداف کی فہرستیں اپڈیٹ کر رہے ہیں: ایرانی فوج
29th Apr 2026
•
دنیا
آیت اللہ خامنہ ای نے شہادت کو رحمت سمجھتے ہوئے خوشی سے قبول کیا
29th Apr 2026
•
سندھ
لاہور سے موازنہ درست نہیں، کراچی کو اپنے پاؤں پر کھڑا ہونے کے لیے بڑے وسائل درکار ہیں: مرتضیٰ وہاب
29th Apr 2026
•
تازہ ترین
انٹرپول نے ملک ریاض اور ان کے بیٹے کے ریڈ وارنٹ جاری کر دیے، دونوں جلد گرفتار ہوں گے: نیب
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار زخمي
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪاٺوڙ ۾ پاڻي جو بحران سنگين، شهري پريشان، پاڻي جي واحد پائپ لائين تي رش، ڪلاڪن تائين انتظار
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا جي صدارت هيٺ اجلاس
29th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول: بنون ٿاڻي جي حد مان ڌنار نينگر مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: اسپتال چورنگي ويجهو افسوسناڪ
0 تبصرے