اوريئنٽيشن سيشن ۾ عالمي سطح تي ملندڙ اهم سفارشن تي عملدرآمد بابت منصوبن تي روشني وڌي وئي
عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي جي ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل پاران ڪراچي ۾ هڪ اهم اوريئنٽيشن سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ عالمي سطح تي ملندڙ اهم سفارشن تي عملدرآمد بابت منصوبن تي روشني وڌي وئي، سيشن ۾ خاص مهمان طور وڏي وزير سنڌ جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا شرڪت ڪئي، جنهن پنهنجي اختتامي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي عالمي فورمز تي ملندڙ سفارشن تي سنجيدگي سان عمل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هن چيو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششن سان ئي مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سيشن دوران گڏيل قومن جي سفارشون، جيڪي پاڪستان کي گڏيل قومن جي وقت بوقت عالمي جائزو (2023) ۽ شهري ۽ سياسي حقن بابت عالمي معاھدو (2024) تحت مليون، انهن جي روشني ۾ تيار ڪيل امپليمينٽيشن پلانز تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، ماهرن ۽ عملدارن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني حقن جي عالمي معيارن تي پورو لهڻ لاءِ ادارن جي وچ ۾ بهتر هم آهنگي، پاليسين ۾ سڌارا ۽ موثر حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ ضروري آهن، سيشن ۾ مختلف سرڪاري آفيسرن، پاليسي سازن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ انساني حقن جي بهتري لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے