English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف درخشاں ۾ مين ڊسپوزل سيوريج لائن ويهجي وئي
170 views
|
28th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سيڪٽر 17 بي سي اي مڪمل طور گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، رهواسي سخت پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳتيل آبادي واري علائقي شاهه لطيف درخشاں واري ۾ مين ڊسپوزل سيوريج لائن جا ويهجي وڃڻ سبب سيڪٽر 17 بي سي اي مڪمل طور تي سيوريج جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جنهن ڪري علائقي جي رهواسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گهٽيون ۽ رستا گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن، جنهن سبب اچ وڃ جو نظام سخت متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته بدبو ۽ گندگي ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي.رهواسين موجب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان سيوريج جو پاڻي لڳاتار گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري گهريلو سامان کي نقصان پهتو آهي ۽ مختلف بيمارين پکڙجڻ جو خطرو به وڌي ويو آهي. ٻار، عورتون ۽ بزرگ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.ان سلسلي ۾ ٽائون ابراهيم حيدري جي جنرل ڪائونسلر حاجي محراب خان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل ادارا فوري طور تي قدم کڻن ۽ هنگامي بنيادن تي سيوريج لائن جي مرمت ڪري پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائين. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بروقت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. رهواسين حڪومت سنڌ ۽ بلدياتي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي عملي ۽ مشينري موڪلي مسئلي کي حل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي هن اذيتناڪ صورتحال مان ڇوٽڪارو ملي سگهي. واضح رهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ سيوريج نظام جي خراب حالت هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جنهن سبب اهڙا واقعا بار بار پيش اچي رهيا آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته مستقل بنيادن تي سيوريج سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙين تڪليفن کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: شاهه لطيف درخشاں ۾
0 تبصرے