English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني جي نجي اسپتال ۾ نوجوان ناري مبينا غلط انجيڪشن سبب فوت، ڪيس داخل
91 views
|
08th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڀينس ڪالوني ۾ قائم هڪ نجي اسپتال ۾ مبينا طبي غفلت ۽ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 24 ورهين جي ناري راڻي ٻرڙو، زال ڳهڻو ٻرڙو، فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ وارثن سخت احتجاج ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. واقعي بابت سکڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپتال جو عملو واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو ۽ اسپتال پڻ بند ملي آهي. فوتي ناري جي مڙس ڳهڻو ٻرڙو صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندس گهرواري جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ تي پاڙي ۾ موجود نجي اسپتال وٺي ويا، جتي مبينا عطائي ڊاڪٽر پهرين ڊرپ لڳائي ۽ پوءِ انجيڪشن هنئي، جنهن کان ڪجهه ئي دير پوءِ سندس گهرواري جي حالت بگڙي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي هن چيو ته، عطائي ڊاڪٽر منهنجي گهر واري کي غلط علاج ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري مون کي انصاف فراهم ڪري.ٻئي طرف سکڻ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته اسپتال مبينا طور عطائي ڊاڪٽر هلائي رهيو هو. واقعي کانپوءِ اسپتال بند ملي آهي ۽ عملو فرار ٿي ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي وارثن ۽ علائقي واسين صحت کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني ۽ بنا لائسنس هلندڙ اسپتالن ۽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اهڙن افسوسناڪ واقعن جي ورجاءُ کي روڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڀينس ڪالوني جي نجي اسپتال ۾ نوجوان
0 تبصرے