English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي لاڙڪاڻي پاران موهن جو دڙو ۾ بسپ سينٽر تي فوت ٿيل ٻارڙي واري واقعي جو نوٽيس
127 views
|
21st Jun 2023
•
سنڌي خبرون
ڊي سي پاران واقعي جي جاچ جو حڪم، اي سي ڏوڪري فوتي ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي
ڏوڪري )رپورٽر) موهن جو دڙو جي امدادي سينٽرن تي عورتن جي رش، سهولتون اڻلڀ، رقم مان ڪٽوتيون، گرمي وگهي معصوم ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوتي ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي ويو، انصاف جي خاطري، مالي مدد ڪئي وئي تفصيل موجب ڏوڪري جي امدادي سينٽرن تي عورتن جي رش رهي ٿي جتي ٿڌي پاڻي ۽ ڇانو ۾ ويهڻ جون سهولتون اڻلڀ آهن ايجنٽ مافيا سرگرم آهي رقم مان ڪٽوتيون جاري آهن هوڏانهن گرمي وگهي معصوم ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوتي معصوم ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي ويو، انصاف جي خاطري ڪرائي ۽ مالي مدد ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري موهن جو دڙو جا امدادي سينٽر مستحق عورتن لاءِ سهولت گهر بدران عذاب گهر بڻجي ويا، سهولتون اڻلڀ آهن ، عورتن جي تذليل روز جو معمول بڻيل آهي ، امداد بدران ڌڪا ڏنا وڃن ٿا ايجنٽ مافيا سرگرم آهي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان هڪ هزار کان 15 سو روپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ايجنٽ مافيا، ٺيڪيدارن، سينٽر انتظاميا پوليس جا حصا پتيون مقرر آهن هوڏانهن مستحق عورتن ريحانه سولنگي، شريفان ممڻاڻي، نصرت چوهاڻ ۽ ٻين عورتن نمائندن کي دانهيندي ٻڌايو ته ڏوڪري جا امدادي سينٽر عذاب گهر بڻيل آهن ايجنٽ مافيا سرگرم آهي، سينٽر انتظاميا بئنڪ انتظاميا، پوليس، ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان عورتن سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي رقم مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ڊوائيز هولڊر عامر علي ، محمد خان خاصخيلي، شبير جهتيال، نياز ابڙو، محبوب جلباڻي، صدام حسين، خان ڍڪن ۽ ٻيا امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته امدادي رقم 9000 هزار مان هزار کان 2 هزار ڪٽوتي ڪن ٿا هنن چيو ته سينٽرن جو جن ماڻهن کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي انهن مان اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي پاڻ ماضي ۾ ايجنٽ رهيا آهن اهڙا ماڻهو ڪهڙي منصفاڻي ورڇ ڪندا؟ هنن وڌيڪ چيو ته مستحق عورتن سان ٿيندڙ ظلم جو هن وقت تائين ڪنهن به ڪو نوٽيس نه ورتو آهي بنا دير معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.هوڏانهن ڊوائيز هولڊرن جو چوڻ هو ته رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جا الزام اجايا آهن هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعيه سيال ٻارڙي جي فوتگي واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي گذريل ڏينهن اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعيه سيال جي حڪم تي گرمي وگهي فوت ٿي ويل معصوم نينگر فيضان علي جي وارثن وٽ ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن تي پهچي ساڻن تعزيت ڪئي مالي مدد پڻ ڪئي وئي ۽ انصاف جي خاطري پڻ ڪرائي آهي. اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فوت ٿي ويل نينگر جي وارثن کان تفصيل ورتا سندس چوڻ هو ته هن ڏک ۾ معصوم ٻارڙي جي وارثن سان برابر جا شريڪ آهيون معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ٻارڙي جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سارے سندھ میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Dokri
mohen jo daro
baqrani
seehar
0 تبصرے