English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ اغوا ڄاڻايل ناري جي جي وارثن جو الزام هيٺ آيل نوجوان تي گهر تي مبينا حملو
73 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
حنا جي ماءُ شبانه، عاليان ۽ ٻين رات جو گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون: اسد شاهه جا وارث
حيدرآباد (بيورو) حيدرآباد ۾ اغوا ڄاڻايل ناري حنا برهماڻي جي وارثن جو نوجوان اسد شاهه جي گهر تي مبينا حملو، ڀڃ ڊهه، گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا، ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد گلشن خير محمد واري علائقي مان نوجوان اسد شاهه ۽ ناري حنا برهماڻي جي پراسرار نموني گم ٿيڻ واري معاملي تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي. نوجوان اسد شاهه جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته حنا جي گهرڀاتين اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي اسد جي پيُ ڪمال شاهه کي بيگناهه گرفتار ڪرايو آهي، معاملي پوليس جاچ هيٺ هجڻ باوجود ناري جا گهرڀاتي هاڻي غيرقانوني حربا استعمال ڪرڻ تي لهي آيا آهن، هو ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. نوجوان جي گهرڀاتين موجب حنا جي ماءُ شبانه، عاليان ۽ ٻين رات جو سندن گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، جنهن دوران اسد جي دل ۽ شگر جي مريض پيرسن امڙ جي طبيعت خراب ٿي وئي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار حنا جا گهرڀاتي هوندا. هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته سندن گهر تي حملو ڪري قانون جا بکيا اڊيريندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد ۾ اغوا ڄاڻايل ناري جي جي وا
0 تبصرے