نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ شفيع محمد سيال واسين جو احتجاج

نوجوان عاجز سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ شفيع محمد سيال واسين جو احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ سرائي شفيع محمد سيال جي رهواسي سيال برادري جي ماڻهن جو نوجوان عاجز سيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي غلام علي سيال ، اختيار سيال، علي گل سيال ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن نعريبازي به ڪئي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ جوابدارن اسان جي بيگناهه نوجوان عاجز سيال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه پئي ڪري جيڪو ظلم آهي جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته جوابدار برڪت مستوئي ، جمن مستوئي وارا سرعام هٿيارن جي نمائش ڪري رهيا آهن جيڪي فائرنگ ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن سبب اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون قتل به اسان جي نوجوان کي ڪيو ويو آهي ۽ موت مار ڌمڪيون به اسان کي ملي رهيون آهن هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي