English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مير نادر ابڙو ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ مقرر
55 views
|
05th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سماجي شخصيتن پاران مير نادر ابڙو کي ڊائريڪٽر مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چيف سيڪريٽري حڪومتِ سنڌ ۽ وڏي وزير سنڌ جي هدايتن تي نامور اديب، ڪالم نگار، سماجي اڳواڻ ۽ سينيئر پوليس آفيسر مير نادر علي ابڙو کي فوري نوٽيفڪيشن ذريعي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ مان ترقي ڏئي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته مير نادر علي ابڙو پاڪستان جي نامياري اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماجي مصلح، ماهرِ تعليم ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا فرزند آهن، هو اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ ۾ هڪ ايماندار، فرض شناس ۽ عوام دوست آفيسر طور پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا، سندن ترقي تي مختلف سماجي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي حلقن پاران واڌاين جو سلسلو جاري آهي، ان موقعي تي نامور سماجي شخصيت، پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان جي ضلعي چيئرمين ۽ رحيمداڻي اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي مير نادر علي ابڙو کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته سندن ترقي ميرٽ، محنت ۽ ايمانداري جو اعتراف آهي، صحافين سان ڳالهائيندي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته مير نادر علي ابڙو هڪ عوامي شخصيت آهن، جن پنهنجي پيشاور ذميوارين سان گڏ سماجي ۽ فلاحي ميدان ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اميد آهي ته هو پنهنجي نئين عهدي تي به ڪرپشن جي خاتمي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪندا، پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان جي وومين چيئرمين جميلان کوسو پڻ مير نادر علي ابڙو کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهڙا باصلاحيت ۽ فرض شناس آفيسر ادارن جي نيڪ نامي ۽ عوامي اعتماد ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا، هن چيو ته مير نادر علي ابڙو جي ترقي نوجوان نسل لاءِ هڪ مثبت مثال آهي ته محنت، لگن ۽ ايمانداري هميشه ڪاميابي جون راهون هموار ڪن ٿيون، پاڪستان زنده باد بيسڪ آرگنائيزيشن پاڪستان جي ضلعي صدر روبينا قائم خاني مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته مير نادر علي ابڙو جون پيشاور خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته سندن مقرري سان اينٽي ڪرپشن کاتو وڌيڪَ فعال ۽ مؤثر انداز ۾ عوامي خدمت سرانجام ڏئي سگهندو۔ هن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته مير نادر علي ابڙو پنهنجي صلاحيتن ۽ تجربي سان اداري جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪَ بهتري آڻيندا، ان موقعي تي نوجوان صحافي ۽ ڪالم نويس سجاد علي شيخ پڻ مير نادر علي ابڙو کي ترقي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو هڪ باڪردار، مخلص ۽ عوام دوست آفيسر آهن، جن هميشه انصاف، شفافيت ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، هن چيو ته مير نادر علي ابڙو جي ترقي نه رڳو سندن ذاتي ڪاميابي آهي، پر انهن سڀني ماڻهن لاءِ پڻ خوشي جو باعث آهي، جيڪي ايماندار ۽ محنتي آفيسرن جي همٿ افزائي جا خواهشمند آهن، سماجي، ادبي ۽ صحافتي حلقن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مير نادر علي ابڙو پنهنجي پيشاور صلاحيتن، وسيع تجربي ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان نئين عهدي تي وڌيڪ بهتر نموني سان خدمتون سرانجام ڏيندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مير نادر ابڙو ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن
0 تبصرے