ٺٽي ۾ ڪوهستاني ڳوٺ محمود برفت جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

پ پ جا ووٽر آهيون، ان باوجود سمورن بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي: مظاهرين

ٺٽي ۾ ڪوهستاني ڳوٺ محمود برفت جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ وڏيرو محمود برفت جي متاثر رھواسين محمد ملوڪ برفت، وڏيرو محمد عيسيٰ برفت، عمرالدين برفت، پيارو برفت، خداڏنو برفت، ڪريم بخش برفت، نياز برفت ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي تہ ھو پ پ پ جا ووٽر ھوندي بہ کين پارٽي اڳواڻ، چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميہ پنھنجي ئي حڪومت ۾ کين سمورن بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ سندن پھريون بنيادي حق پيئن جو صاف پاڻي آھي، جيڪو وٽن اڻ لڀ ٿي ويو اھي، جنھن ڪري انسان توڙي جانور اڃ مرڻ تي مجبور بڻيل آھي، ڳوٺاڻا پاڻي پري پري کان آڻڻ يا خريدڻ تي مجبور بڻيل اھن، ان کانسواء کين صحت، تعليم، روزگار، روڊ، رستي، بجلي جھڙي ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي، ھنن چيو تہ ھن مھنگائي واري دور ۾ جتي تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالھيون پيو ڪن، اتي بيروزگاري سبب ڪيترائي خاندان بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل اھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ مختلف وچرندڙ بيمارين خاص طور خارش، چمڙي، دست، الٽي، مليريا، ڊائريا، ڪاري ساوڪ جھڙي بيمارين ۾ مبتلا غريب مريض ڪوھستاني پٽي ۾ سرڪاري اسپتال نہ ھجڻ ڪري ھو علاج کان بہ قاصر بڻيل آھن، ھنن چيو تہ چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميہ سميت پارٽي اڳواڻن کي بار بار چوڻ باوجود کين ڪي بہ بنيادي سھولتون ملي ناھن سگھيون، جنھن ڪري ھو پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاء دانھون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت پارٽي اڳواڻن کان گھر ڪئي تہ کين پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ کين پنھنجا بنيادي حق نہ ملڻ توڙي سندن مالڪي نہ ٿيڻ جي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪري احتجاج جي دائري کي وسيع ڪيو ويندو.