ڏوڪري(اطهر ميمڻ)رائيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ريجنل ايمپلائيز يونين C.B.A جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ارشاد احمد جوڻيجو يونٽ صدر ڀورل ڪوريجو ملازم اڳواڻ توفيق ميراڻي ۽ ٻين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب رئيس ريسرچ سينٽر ڏوڪري ۾ آل سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ريجنل ايمپلائيز يونين C B A مرڪزي سنيئر نائب صدر ارشاد احمد جوڻيجو، يونٽ صدر ڀورل ڪوريجو ملازم اڳواڻ توفيق ميراڻي، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ اداري ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ کان چار گريڊ جي ننڍين ملازمن جا پروموشن نه ٿا ڪيا وڃن ان معاملي ۾ جڏھن انتظاميا سان ملاقات ڪئي سين ۽ پروموشن لاءِ درخواستون جمع ڪرايون ويون پوءِ ھڪ سينارٽي لسٽ جاري ڪئي وئي.جنھن ۾ خاص ڪري ميرپورخاص جا ڪجهه اھڙا ملازم شامل ڪيا ويا جن کي ان وقت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ھارٽيڪلچر ريسرچ سينٽر ميرپورخاص پنھنجي حڪم سان 21.10.2021 تي ٽائيم اسڪيل ڏنو ھو ۽ انهن ملازمن ان کي خوشي سان قبول ڪيو.ان کانپوءِ اداري جي مختلف سينٽرن تان انهن ملازمن تي اعتراض واريون درخواستون موڪليون ويون آهن.ھن سينارٽي لسٽ ۾ اھي ملازم شامل آهن جن اڳ ٽائيم اسڪيل ورتو آهي ان سان گڏ ڪيترن جا سرٽيفڪيٽ ڪوڙا آھن جن کي ٻٽو فائدو ڏيڻ لاءِ ھڪ کان چار گريڊ جي سينارٽي لسٽ ۾ شامل ڪري پروموشن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا باقي ملازم جيڪي پروموشن جي انتظار ۾ سالن جا سال ويٺا آهن انهن سان سراسر ناانصافي آهي. سينارٽي لسٽ جاري ٿيڻ کي به 8 مھينا ٿي ويا آهن ۽ اعتراض جمع ڪرائڻ کي به 8 مھينا گذري ويا آهن پر انتظاميا اڃان تائين اھڙو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي جنهن سان مسئلو حل ٿئي. ان سلسلي ۾ اسان وزير زراعت محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري ايگريڪلچر سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جا جائز مسئلو جلد کان جلد حل ڪيو وڃي ۽ ملازمن مان بيچينيءَ ختم ڪري جائز ۽ حقيقي پسند سينارٽي لسٽ جاري ڪري ھڪ کان چار گريڊ وارن ملازمن کي جونيئر ڪلارڪ طور پروموشن ڏئي انصاف ڪيو وڃي، .
0 تبصرے