نوشهروفيروز ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي ريلي

ملازمن جي پگهار ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به اضافو نه ٿو ڪيو وڃي جيڪا زيادتي آهي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي سڏ تي ريلي

نوشهروفيروز(ڊر) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي ضلع نوشهرو فيروز ۾ مطالبن جي مڃتا لاء سول اسپتال کان پريس ڪلب تائين نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي آپڪا سنڌ جي صوبائي نائب صدر اعظم عالماڻي ڪئي. جڏهن ته ريلي ۾ آپڪا چيئرمين شاهه محمد شر۔جنرل سيڪريٽري محمد رفيق سولنگي۔ نوشهروفيروز جي صدر مظهر علي راجپر۔ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري روشن علي مري۔سينئر نائب صدر سيد ظفر علي شاهه۔سينئر نائب صدر امتياز علي پھل۔جنرل سيڪريٽري نياز حسين عباسي۔ڊويزنل جونيئر صدر رشيد احمد علماڻي - سينئر نائب صدر محمد عظيم تنيو۔صدر يونٽ اسڪارپ سڪندر علي منگريو۔ حاجي خان سومرو۔ وقار علي ابڙو۔ميونسپل ڪميٽي يونٽ جي عمراڻي ستار* هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي اظهر منهاس ۔ سيد همت علي شاهه، منصور ٽڳر ۽ ٻين خطاب ڪيو۔ مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي مهانگائيء جي حساب سانو بنيادي پگهار ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪرڻ۔سرڪاري ملازمن جو ميڊيڪل الائونس ۽ ڪنوينس الائونس وڌائڻ۔ پي اسڪيل روائز ڪرڻ۔مهانگائي جي تناسب سان هائوس رينٽ ۾ اضافو ڪرڻ۔گروپ انشورنس ۽ بينيوئل فنڊ رٽائرڊمينٽ جي وقت ڏيڻ جي گهر ڪئي ويئي۔ اڳواڻن چيو ته حڪومت هر سال پنهنجون پگهارون وڌائي ٿي پر ملازمن جي پگهار ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به اضافو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ آئي ايم ايف جي منظوريء جا ڪوڙا بهانا ڪري ملازمن کي پريشان ڪيو وڃي ٿو جيڪا هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين۔ اڳواڻن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته نئين سال جي بجيٽ ۾ ملازمن کي جائز مراعتون ڏيئي سندس بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو۔