ملير: ابراهيم حيدري ۾ پوليس جي ڪارروائي،3منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير: ابراهيم حيدري ۾ پوليس جي ڪارروائي،3منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ پوليس ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪندي گهر جي آڙ ۾ گٽڪو ماوو تيار ڪرڻ واري هڪ غيرقانوني هنڌ تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ جاويد، واجد ۽ نیاز علي طور ٿي آهي پوليس موجب ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 190 ڪلو کان وڌيڪ ڇاليه، 30 ڪلو کان وڌيڪ تيار ٿيل گٽڪو ماوا، پيڪنگ جو سامان ۽ گٽڪو ماوا تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو ابتدائي جاچ موجب گرفتار جوابدار پنهنجن ساٿين سان گڏجي گهر اندر گٽڪو مائو تيار ڪندا هئا، جيڪو بعد ۾ شهر جي مختلف ڪيبنن ۽ دڪانن تي سپلاءِ ڪيو ويندو هو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جوابدارن خلاف لاڳاپيل قلم تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔