مڪلي جي آثار قديمه ۾ مبينا فحش لباس ۾ شوٽنگ ڪرڻ جو انڪشاف

انتظاميه پاران ولگر شوڪت نه ڪرڻ جي شرط تي 8 کان 10 ماڻهن جي اجازت ڏني وئي: ذريعا

مڪلي جي آثار قديمه ۾ مبينا فحش لباس ۾ شوٽنگ ڪرڻ جو انڪشاف

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مڪلي آثار قديمہ تي اسٽاف جي ملي ڀڳت سان فحش لباس ۾ فلم شوٽنگ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، مرزا عيسا خان ترخان سميت مختلف تاريخي جاين جي لتاڙ ۽ بي حرمتي، عوامي حلقن پاران شديد ڪاوڙ جو اظھار. خبر موجب آثار قديمہ مڪلي قبرستان واري ايريا ۾ ٺٽي جي مقامي ماڻھن کي پنھنجي مائٽن جي قبرن تي فاتحہ جي بہ اجازت ناھي پر ٻاھر جا ماڻھون پئسا ڏيئي آثارن جي لتاڙ ڪري رھيا آھن پر کين ڪو چوڻ وارو ڪونھي،ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ پراڊڪشن کي لکت ۾ اجازت ڏني ويئي آھي تہ ھو پنھنجي 8 کان 10 ماڻھن جي ٽيم سان گڏ شوٽنگ ڪري سگھن ٿا پر ان ۾ شرط رکيا ويا آھن تہ ڪو بہ ولگر سين شوٽ نه ڪيو ويندو پر مذڪورہ پراڊڪشن وارن 40 کان مٿي ٽيم ميمبر وٺي مرزا عيسا خان ترخان سميت مڪلي جي آثارن جي مختلف جاين تي ڇوڪرين کي نيم عريان لباس پارائي ولگر سين شوٽ ڪري آثارن جي لتاڙ جاري رکي، جڏھن عوامي پريس ڪلب جي ٽيم موقعي تي پھچي اعتراض ڪيو تہ ڪيوريٽر سميت ڪنھن بہ ذميوار ڪو بہ ايڪشن نہ کنيو،جنھن تي ھتان جي سڄاڻ حلقن، سول سوسائٽي اڳواڻن شديد تشويش جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ جڏھن مقامي ماڻھن کي پنھنجي والدين جي قبرن تي وڃڻ جي اجازت ناھي تہ پو ھتي ٻاھرين ماڻھن کي آثارن لتاڙڻ ۽ فحش لباس پائي فلمون شوٽنگ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏني وڃي، ھنن آثارقديمہ جي ھن عمل جي سخت مذمت ڪندي اعلا اختيارين کان ذميوارن خلاف فوري ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي