عالمي ماحولياتي ڏينهن تي عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ وڻڪاري مهم

مهم ۾ مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن جي نمائندن، سماجي اڳواڻن، صحافين، استادن ۽ شاگردن جي شرڪت

عالمي ماحولياتي ڏينهن تي عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ وڻڪاري مهم

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عالمي ماحولياتي ڏينهن جي موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ماحولياتي آگاهي پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن جي نمائندن، سماجي اڳواڻن، صحافين، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جو اهتمام فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن پاران ڪيو ويو، جتي ماحولياتي تحفظ، موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ خطرن ۽ سرسبز ماحول جي اهميت بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڪاليج جي احاطي ۾ مختلف قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پڻ پوکيا ويا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وڻڪاري موجوده دور جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي، جيڪا نه صرف ماحول کي صاف ۽ صحتمند بڻائي ٿي، پر ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ۽ پائيدار مستقبل جي ضمانت پڻ فراهم ڪري ٿي، تعليمي ماهر پروفيسر عبدالرؤف سومرو چيو ته ماحولياتي شعور کي تعليمي نظام جو لازمي حصو بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته تعليمي ادارا رڳو علم جي فراهمي نه پر ذميوار شهرين جي تربيت جا به اهم مرڪز آهن، سماجي اڳواڻ وڪيل ميان گل منير ولھاري چيو ته ماحوليات جو تحفظ صرف حڪومتن جي ذميواري نه پر هر شهري جو قومي ۽ اخلاقي فرض آهي، سُڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد بخش ڪنڀر چيو ته وڻڪاري، صفائي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت ذريعي ئي صحتمند ۽ سرسبز ماحول کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن جي سي اي او انجنيئر محمد مشتاق راٺوڙ خطاب ڪندي چيو ته وڌندڙ گرمي پد ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ وڏي پيماني تي وڻ پوکڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته وڻ نه صرف ماحول کي ٿڌو رکن ٿا پر ڌرتيءَ جي خوبصورتي ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا، ڊاڪٽر عبدالعزيز ڪنڀر چيو ته صاف ۽ صحتمند ماحول ئي ترقي يافته سماج جي بنياد آهي، جڏهن ته عبدالرحمان پلي نوجوانن تي زور ڀريندي چيو ته هو وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ سان گڏ انهن جي سنڀال کي پڻ پنهنجي ذميواري سمجهن، تقريب ۾ شيوارام سوٽهڙ، پروفيسر ڊاڪٽر پرتاب ميگھواڙ، پروفيسر جيٺانند مالهي، پروفيسر امتياز ڪنڀر، منظور ڪنڀر، ڪريم تبسم منڱريو، ڀيمراج چناڻي سميت ڪيترين ئي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، تقريب جي پڄاڻي تي ماحولياتي تحفظ ۽ وڻڪاري جي اهميت بابت آگاهي مهم کي وڌيڪَ مؤثر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.