ٺٽي جي اگر محلي واسي محمد سليم گندرو عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي جنهن تي اهڙو حڪم ڏنو ويو
ٺٽو(ڊر) سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي پاران ٺٽي شھر جي اگر محلي جي رھواسي محمد سليم گندرو جي فرياد تي ٺٽي جي عدالت ۾ 22 اي جي داخل ڪرايل پٽيشن تحت ايس ايڇ او ٺٽو کي اي ايس آء شاھ رخ کونڀاٽي توڙي محمد حسين ميمڻ ۽ سندس ٻن پٽن آصف ميمڻ ۽ سڪندر ميمڻ خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو، جنھن بعد اي ايس آء شاھ زخ کونڀاٽي ۽ ٻين پاران ھاء ڪورٽ ڪراچي مان اسٽي ارڊر حاصل ڪري ورتو ھو، جيڪو اسٽي آرڊر ھاء ڪورٽ واپس وٺندي ٺٽي جي عدالت پاران 22 اي جي پٽيشن ۾ ڄاڻايل جوابدارن تي جيڪا FIR داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، ان کي فلحال بحال رکي ڇڏيو آھي، جنھن بعد فريادي محمد سليم گندرو پاران پنھنجي وڪيلن ايڊوڪيٽ شبير احمد ڪنڀار ۽ ايڊوڪيٽ شھباز احمد جلالي سان گڏ ٺٽي ٿاڻي تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء تياريون شروع ڪري ڇڏيو آھن، ٻئي طرف فريادي محمد سليم گندرو چيو تہ ٺٽو پوليس جي اي ايس آء شاھ رخ کونڀاٽي، محمد حسين ميمڻ ۽ سندس ٻن پٽن سڪندر ميمڻ ۽ اصف ميمڻ جي چرچ تي پوليس پاران زبردستي سندس ٺٽي شھو واري گھر ۾ داخل ٿي کيس ۽ سندس فيملي کي حراسان ڪري غيرقانوني طور گھر مان زبردستي ڪڍي سندس گھر تي قبضو ڪيو ويو آھي، جيڪا ائين قانون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، ھن چيو تہ کيس عدالت مان انصاف مليو آھي. ھن ڪيس جي فريادي پاران پيروي ناليوارن وڪيلن ايڊوڪيٽ شبير احمد ڪنڀار ۽ ايدوڪيٽ شھباز احمد جلالي پاران ڪئي ويئي آھي.
0 تبصرے