ملير: شاهه لطيف پوليس پاران قتل ۾ ملوث 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

جهيڙي دوران مارجي ويل راشد جي ٻن قاتلن ربنواز ۽ رحمت کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس

ملير: شاهه لطيف پوليس پاران قتل ۾ ملوث 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٿاڻي جي حدن اندر گذريل رات جهيڙي دوران هڪ شهري جي قتل واري واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي پوليس 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق جي هدايت تي واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون. شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم ٽيڪنيڪل ڄاڻ ۽ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رب نواز ۽ رحمت جي نالن سان ٿي آهي. شروعاتي جاچ موجب مقتول راشد علي ۽ جوابدارن وچ ۾ موبائل فون جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان تڪرار پيدا ٿيو، جنهن دوران جوابدارن تيز ڌار اوزار جا وار ڪري راشد علي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. مقتول زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي. شاهه لطيف پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو.گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.