عمرڪوٽ: مال پڙي ۾ واپارين کان 35 لک کان وڌيڪَ رقم ڦر ڪندڙ ٽولو بي نقاب، 2جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل رقم ۽ هٿيار هٿ

عمرڪوٽ: مال پڙي ۾ واپارين کان 35 لک کان وڌيڪَ رقم ڦر ڪندڙ ٽولو بي نقاب، 2جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل رقم ۽ هٿيار هٿ

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پوليس وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي مال پڙي ۾ واپارين کان لکين رپيا ڦر ڪندڙ ٽولي جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻن مُک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن، ان ڳالهه جو انڪشاف ڊي ايس پي سٽي ميان اظهر سمون ۽ ايس ايڇ او سٽي نور محمد نوحاڻي ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، هنن ٻڌايو ته 17 ڏينهن اڳ زيرو پوائنٽ ڇاڇرو روڊ تي قائم مال پڙي عمرڪوٽ ۾ ڪراچي مان آيل واپارين مختيار قاضي، امتياز قريشي ۽ اعجاز قريشي کان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن جوابدارن 35 لک 56 هزار 500 رپيا نقد رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، پوليس موجب جديد ٽيڪنالاجي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ فني جاچ جي مدد سان ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن امان الله نهڙي ۽ مير حسن ڪنڀر کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته واردات ۾ ڪراچي واسي شهزاد بليدي ۽ لاڙڪاڻي واسي عادل چنا پڻ شامل هئا، جن کي خاص طور تي ڏوهه ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو، پوليس موجب سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڦر ٿيل 35 لک 56 هزار 500 رپيا نقد رقم، پسٽل ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته واردات ۾ ملوث ٻه مُک جوابدار شهزاد بليدي ۽ عادل چنا فرار آهن، جن مٿان سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪَ ڏوهن جا ڪيس داخل آهن. سندن گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون سرگرم آهن ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڊي ايس پي سٽي وڌيڪَ ٻڌايو ته هفتو اڳ مال پڙي عمرڪوٽ ۾ واپارين کي نشي آور شيون کارائي رقم ڪڍندڙ بين الصوبائي گروهه جي ٻن جوابدارن صابر گوپانگ ۽ نديم قريشي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، جن کان واپارين جا 5 لک 15 هزار رپيا واپس ڪرائي متاثرن حوالي ڪيا ويا آهن، پوليس موجب گرفتار جوابدار صابر گوپانگ خيرپور ۽ نديم قريشي پنجاب جي گوجرانوالا شهر جا رهواسي آهن، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڦر ۽ چوري جا 15 کان وڌيڪَ ڪيس داخل آهن، ان موقعي تي پوليس اختيارين چيو ته ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر جي هدايتن تي ضلعي اندر ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، شهرين جي سهڪار سان ڏوهن جو خاتمو ممڪن بڻايو ويندو، جڏهن ته پوليس جون ڪارروايون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون.