English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اڳوڻي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي ڇهين ورسي ملهائي وئي
108 views
|
02nd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ورسي تقريب ۾ ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي ايز سليم بلوچ، ساجد جوکيو، راجا رزاق ۽ ٻيا شريڪ
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير مان چونڊيل پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ عوامي اڳواڻ غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي ڇهين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ فقير محمد بلوچ ڳوٺ، گڊاپ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ملير سان تعلق رکندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن، قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سليم بلوچ، ساجد جوکيو، راجا رزاق سميت ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر يوسف مرتضيٰ بلوچ پڻ موجود هو.تقريب دوران مرحوم غلام مرتضيٰ بلوچ جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ خصوصي دعا جو اهتمام ڪيو ويو. مقررن غلام مرتضيٰ بلوچ جي عوامي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته مرحوم هڪ بهادر، مخلص ۽ عوام دوست اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي عوام جي خدمت، سندن مسئلن جي حل ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.مقررن چيو ته غلام مرتضيٰ بلوچ هميشه ظلم، جبر ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿاريو ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. سندس سياسي بصيرت، سادگي، عوام سان محبت ۽ بي لوث خدمت اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. هنن چيو ته غلام مرتضيٰ بلوچ شهيد جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندس مشن کي عوامي خدمت ذريعي اڳتي وڌايو ويندو.تقريب جي پڄاڻي تي مرحوم جي بلند درجات، ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اڳوڻي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ
0 تبصرے