سجاول جي عدالت پاران گٽڪي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي سزا

عدالت ذيشان ڪيهر، نياز ڪيهر ۽ حسين عرف قادري ميمڻ کي سزا ٻڌائي

سجاول جي عدالت پاران گٽڪي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي سزا

سجاول (رپورٽر) سجاول جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت گٽڪي ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي ٽي ٽي سال قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سجاول سيڪنڊ سول جج سجاول جي عدالت جي جج محمد بچل پهوڙ گٽڪي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٽن جوابدارن ذيشان ڪيهر، نياز ڪيهر ۽ حسين عرف قادري ميمڻ کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽي ٽي سال قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالتي رڪارڊ موجب مذڪوره ڪيس 18:06:2025 تي داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جو فريادي انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي هو، جڏهن ته ڪيس جي جانچ ايس آءِ پي نادر ابڙو ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران گٽڪي جي تياري ۽ استعمال ۾ ايندڙ سامان بابت ثبوت ۽ شاهدن جا بيان پيش ڪيا ويا، جن جي بنياد تي عدالت جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏنو. عدالت هر هڪ جوابدار کي ٽي ٽي سال قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. ڪيس جي پيروي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (ADPP) منظور علي دايو ڪئي.