علي شيخاني، ظفر عباس، علامه قاضي احمد نوراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي ڊي سي فائونڊيشن پاڪستان جي زيرِ اهتمام “قرباني براءِ مستحقين 2026” جي سلسلي ۾ هڪ باوقار ۽ روح پرور تقريب هائوس آف جي ڊي سي، بلاڪ 20 فيڊرل بي ايريا ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ مشهور سماجي، مذهبي ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي۔ تقريب جو مقصد مستحق ۽ نادار ماڻهن تائين قرباني جو گوشت باعزت نموني پهچائڻ ۽ سنتِ ابراهيميؑ جي اجتماعي پيغام کي هٿي ڏيڻ هو۔ان موقعي تي مشهور سماجي شخصيت علي شيخاني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “قرباني صرف جانور ذبح ڪرڻ جو نالو ناهي، پر اها ايثار، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو عملي درس آهي۔ جي ڊي سي فائونڊيشن هر سال لکين مستحق خاندانن تائين قرباني جو گوشت پهچائي هڪ عظيم فلاحي خدمت سرانجام ڏئي رهي آهي، جنهن تي پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي۔”جي ڊي سي فائونڊيشن جي سربراهه ظفر عباس چيو ته “اسان جو مقصد صرف قرباني ڪرڻ ناهي، پر مستحق ماڻهن جي عزتِ نفس جو خيال رکندي کين خوشين ۾ شامل ڪرڻ آهي۔ عوام جي اعتماد ۽ سهڪار سان جي ڊي سي سڄي ملڪ ۾ خدمتِ انسانيت جو مشن جاري رکيو ويٺي آهي۔”مشهور مذهبي اسڪالر علامه قاضي احمد نوراني پنهنجي بيان ۾ چيو ته “قرباني سنتِ ابراهيميؑ آهي، جيڪا اسان کي اخلاص، صبر ۽ الله جي رضا لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو درس ڏئي ٿي۔ صاحبِ استطاعت ماڻهن کي گهرجي ته هو پنهنجي آس پاس موجود ضرورتمندن جو خاص خيال رکن۔”جڏهن ته علامه فيروز الدين رحماني خطاب ڪندي چيو ته “معاشري ۾ فلاحي ادارن جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ جي ڊي سي فائونڊيشن جنهن خلوص ۽ ايمانداري سان خدمت جو سفر جاري رکيو آهي، اهو قابلِ تحسين آهي۔ قرباني جي موقعي تي مستحق ماڻهن کي ياد رکڻ عين عبادت آهي۔”تقريب ۾ مفتي محمد دائود، علامه منظر الحق ٿانوي، مولانا جميل آزاد، محمد خالد نور، مولانا بلال قادري، علامه غلام مرتضيٰ رحماني، مشهور اداڪار شڪيل صديقي، پرويز صديقي ۽ ٻين سماجي ۽ مذهبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ۽ جي ڊي سي فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو۔آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، امتِ مسلمه جي اتحاد ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي۔
0 تبصرے