شر اتحاد پاڪستان ضلعي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس نور محمد شر جي ميزباني هيٺ ٿيو
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) شر اتحاد پاڪستان ضلع عمرڪوٽ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس، نوان عهديدار چونڊيا ويا، عمرڪوٽ، شر اتحاد پاڪستان ضلع عمرڪوٽ جي جنرل ڪائونسل جو اهم اجلاس غلام مصطفيٰ شر جي رهائشگاهه تي نور محمد شر جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف علائقن مان شر برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،اجلاس دوران اڪثريت راءِ سان نوان عهديدار چونڊيا ويا، جن ۾ نور محمد شر کي صدر، نياز احمد شر کي سينيئر نائب صدر، محمد سليمان شر کي جنرل سيڪريٽري، خادم حسين شر کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، سرور علي شر کي فنانس سيڪريٽري ۽ سوزل خان شر کي انفارميشن سيڪريٽري چونڊيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلع عمرڪوٽ جي سمورن تعلقن جون تنظيمون ۽ باڊيون پڻ تمام جلد مڪمل ڪيون وينديون ته جيئن برادري جي ماڻهن کي وڌيڪ منظم انداز ۾ گڏ ڪري سگهجي،ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شر اتحاد قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد برادري جي ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ، ڳوٺن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۽ صحت، تعليم ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي ضرورتن تي ڪم ڪرڻ آهي، جيئن پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي فائدو پهچي سگهي،اجلاس جي پڄاڻيءَ تي شر اتحاد جي ضلعي صدر نور محمد شر پاران شر برادري جي معززين کي سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ سندن شرڪت تي ٿورا مڃيا ويا.
0 تبصرے