ٺٽي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي اعزاز ۾عيد ملن پارٽي

عوام جي خدمت اسان جي اولين ذميواري آهي: عبدالحميد پنهور

ٺٽي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبرن جي اعزاز ۾عيد ملن پارٽي

ٺٽو( شفيق ڀٽي) چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو، عبدالحميد پنهور جي طرفان ضلع ڪائونسل جي ميمبرن جي اعزاز ۾ عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ميمبرن , سياسي سماجي اڳواڻن ٻين معززين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي عيد جون واڌايون پيش ڪيون. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور چيو ته عيد محبت، ڀائيچاري، ايڪتا ۽ خوشين کي ورهائڻ جو ڏڻ آهي، جيڪو اسان کي گڏجي هلڻ، هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جو درس ڏئي ٿو. هن چيو ته ضلعي جي چونڊيل نمائندن جو گڏجي ويهڻ ۽ عوامي ڀلائي لاءِ گڏيل سوچ سان اڳتي وڌڻ خوش آئنده روايت آهي، جيڪا عوام جي بهتري لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. چيئرمين عبدالحميد پنهور ضلع ڪائونسل آفيس ۾ عوام سان ملاقاتون پڻ ڪيون، سندن مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌيون ۽ لاڳاپيل اختيارين کي حل لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته عوام جي خدمت اسان جي اولين ذميواري آهي، ۽ سندن مسئلن جو بروقت حل يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ضلع ڪائونسل ٺٽو عوام جي ڀلائي، ترقياتي ڪمن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار اڳتي به ساڳئي جذبي ۽ ذميواري سان جاري رکندي.