خادم شر پنهنجي 19 ورهين جي ڳوهاري زال حميدان کي ڪارنهن تهمت مڙهي گوليون هڻي قتل ڪري لاش لوڙهي ڇڏيو
رائونتي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان ڳوهاري زال قتل، لاش درياهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ، ايس ايڇ او آندل سنڌراڻي محمد قابل ڀيو موجب آندل سنڌراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ نور محمد شر ۾ مڙس خادم حسين شر پنهنجي 19 سالا ڳوهاري زال حميدان شر کي ڪارنهن تهمت ڏئي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، واقعي جو ڪيس مڙس خادم حسين شر، نيهال شر، گلشير شر، سميت 8 جوابدارن مٿان سرڪار جي فرياد آندل سنڌراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لاش جي ڳولا جاري آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،،
0 تبصرے