English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ڊسٽرڪٽ بار پاران سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو
75 views
|
25th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊوڪيٽ عبدالستار لهراڻي، شوڪت ٻوھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز (ڊ ر) سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن نوشهرو فيروز پاران احتجاج، بازيابي لاءِ سخت نعريبازي، وڪيلن پاران 9 ڏينهن اڳ بلوچستان مان اغوا ڪيل ايڪسائيز کاتي جي ريٽائر آفيسر، اديب ۽ شاعر سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ ڪيل احتجاج جي اڳواڻي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊوڪيٽ عبدالستار لهراڻي، ضلع بار جي جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوھيو، اعظم ميمڻ، اختر ڀريجو، مشتاق بڙدي، قادر خانزادو ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ڊسٽرڪٽ بار آفيس کان شروع ٿي ريلي جي صورت ۾ جڊيشل ڪامپليڪس جي مئن گيٽ تائين ٿيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته نوشهرو فيروز واسي سعيد ميمڻ کي اغوا ٿئي 9 ڏينهن گذري ويا آهن پر اڃا تائين سندس ڪو پتو نه پيو پوي، جنهن سبب نه رڳو سندس گهر ڀاتي مٽ مائٽ پريشان آهن پر پوري سنڌ ۾ تشويش جي لهر آهي. اسان سنڌ حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کان پرزور مطالبو ٿا ڪيون ته سعيد ميمڻ کي فورن بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ۽ سموري سنڌ جا وڪيل ڀرپور تحريڪ ھلائيندا. وڪيلن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم کان به مطالبو ڪيو ته هو سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهرو فيروز ڊسٽرڪٽ بار پاران
0 تبصرے