English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: مراد ميمڻ سب ڊويزن ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي مبينا قبضا
153 views
|
19th May 2026
•
سنڌي خبرون
سرڪاري زمينن تي مبينا قبضا ڪري مينهن جا واڙا قائم ڪرڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي: فيض محمد پالاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مراد ميمڻ سب ڊويزن ۾ بحريا ٽائون ڀرسان سرڪاري زمينن تي مبينا طور پوليس ۽ روينيو عملي جي سرپرستي هيٺ هزارين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري ميهن جا واڙا قائم ڪرڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، جنهن سبب صدين کان وهندڙ ٿڌو ندي زهريلي بڻجي وئي آهي، جڏهن ته آس پاس جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ چمڙي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين پکڙجڻ جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن۔ اهڙو انڪشاف ملير جي ناليواري سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيت حاجي فيض محمد پالاري ڪيو آهي۔ هن الزام هنيو ته ديھ ڪونڪر ۽ ديھ کرکرو ۾ جميل ميمڻ ڪيٽل ڪالوني جي نالي تي اربين رپين جي سرڪاري زمين تي غير قانوني والار جاري آهي، جڏهن ته زمينن بابت مختلف عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ ۽ اسٽي آرڊر موجود هجڻ باوجود قبضا ختم ناهن ڪرايا ويا۔حاجي فيض محمد پالاري چيو ته ميهن جا واڙا ٺهڻ سبب انهن جو گندو ۽ زهريلو پاڻي ٿڌو ندي ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري ندي جو پاڻي آلودہ ٿي ويو آهي۔ هن دعويٰ ڪئي ته زهريلي پاڻي سبب چرند پرند ۽ چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، جڏهن ته ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ خارش، چمڙي ۽ ٻين بيمارين ۾ واڌ ٿي رهي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته ديھ کرکرو ۽ ديھ ڪونڪر ۾ بنا ڪنهن قانوني اجازت ۽ دستاويزن جي هزارين ايڪڙن تي واڙا ۽ اڏاوتون قائم ٿيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته روينيو کاتو ۽ پوليس سڌي ريت قبضا مافيا جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن۔ هن سوال اٿاريو ته مختيارڪار رياض مغيري وڏي عرصي کان مقرر هجڻ باوجود قبضا روڪرائڻ ۾ ناڪام ڇو رهيو آهي۔حاجي فيض محمد پالاري ڊپٽي ڪمشنر ملير سميع الله شيخ کان مطالبو ڪيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر انيس عباسي، مختيارڪار رياض مغيري ۽ تپيدار کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ۽ سڄي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي۔ هن چيو ته روينيو آفيسرن اڳيان عدالتن جي حڪمن جو به احترام ختم ٿي ويو آهي ۽ قبضا مافيا سرڪاري سرپرستي هيٺ سرگرم آهي۔هن نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آئي اي ۽ ڪمشنر ڪراچي کان پڻ فوري نوٽيس وٺي غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جميل ميمڻ ڪيٽل ڪالوني جي آڙ ۾ ٿيندڙ قبضا خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ڳوٺاڻا موٽروي تي ڌرڻو هڻندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فيض محمد پالاري
0 تبصرے