عمرڪوٽ ۾ پاڪستان چوڪ تي قومي پرچم ڪشائي تقريب

پاڪستان اسان سڀني جو پيارو وطن آهي: رسول بخش رحيمداڻي

عمرڪوٽ ۾ پاڪستان چوڪ تي قومي پرچم ڪشائي تقريب

عمرڪوٽ (ڊ، ر) عمرڪوٽ جي مشهور پاڪستان چوڪ تي ، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي پاران قومي جھنڊو لڳائي پرچم ڪشائي ڪئي وئي، جنهن دوران وطن سان محبت جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاران پاڪ افواج زندہ باد ۽ پاڪستان زندہ باد جا زوردار نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي رسول بخش رحيمداڻي چيو تہ پاڪستان اسان سڀني جو پيارو وطن آهي ۽ قومي جھنڊي جي عزت ۽ احترام هر پاڪستاني جو فرض آهي، هن چيو تہ جلد پاڪستان چوڪ کي وڌيڪَ خوبصورت، جديد ۽ دلڪش چوڪ بڻايو ويندو، جتي قومي پرچمن ۽ خوبصورت سجاوٽ ذريعي حب الوطني جي جذبي کي وڌيڪَ اجاگر ڪيو ويندو، تقريب ۾ 320 فيملي بچت سيل ميلا جي مالڪ عمران طور پڻ موجود رهيو، جتي رسول بخش رحيمداڻي ۽ عمران طور گڏجي شرڪت ڪندڙن ۾ مٺايون ورهايون، ان موقعي تي علائقي واسين پاران رسول بخش رحيمداڻي ۽ عمران طور تي گلن جا هار پارايا ويا ۽ گلن جي ورکا ڪري سندن حب الوطني واري جذبي کي ڀرپور ساراهيو ويو، تقريب ۾ اين پي سي آئي ايڇ جي نمائندن سميت شهر جي معزز شخصيتن، نوجوانن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان سان محبت جي جذبي جو اظهار ڪيو.