English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
205 views
|
17th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ عيدالفطر جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ عيدالفطر جي موقعي تي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ٿيو، ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو غلام علي طارق، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آءِ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر حيسڪو علي رضا ڀٽي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ڊي ايس پي عمرڪوٽ ميان اظھر حسين، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي سي ايم او سيد ساجد علي شاھ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته عيدالفطر جي موقعي تي ضلعي ڀر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ سڀئي ادارا گڏيل سهڪار ۽ بهتر حڪمت عملي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين، هن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته عيد جي اجتماعن، عيدگاهن، مسجدن، بازارن ۽ تفريحي هنڌن تي سيڪيورٽي جا مؤثر انتظام يقيني بڻايا وڃن ته جيئن شهري پرامن ماحول ۾ عيد جون خوشيون ملهائي سگهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي الرٽ رکيو وڃي، جڏهن ته ايمرجنسي سروسز کي پڻ فعال رکيو وڃي، هن حيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته عيد جي ڏينهن دوران بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪنهن به خرابي جي صورت ۾ فوري مرمت جا انتظام ڪيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويندو،ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او سيد ساجد علي شاهه بخاري،آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر بڻايا وڃن، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ شهر سميت سڀني تعلقن ۾ صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي، ان کان علاوه ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ پڻ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ انتظامن جي ذاتي نگراني ڪن ۽ عيدالفطر دوران عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن سان رابطو ۾ رهن، اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته عيدالفطر جي موقعي تي ضلعي ڀر ۾ سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سڀئي کاتا پنهنجي ذميوارين کي ڀرپور نموني نڀائن ته جيئن عوام کي محفوظ ۽ پرامن ماحول مهيا ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے