پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جو بنيادي فرض آهي: حزب الله ٻگهيو

پيپلزپارٽي هميشه عوامي خدمت، جمهوريت ۽ غريب ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي

پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جو بنيادي فرض آهي: حزب الله ٻگهيو

ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ايم اين اي حزب الله ٻگهئي سندس رهائش گاھ تي مختلف برادرين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جو بنيادي فرض آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوامي خدمت، جمهوريت ۽ غريب ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته عوام اسان تي اعتماد ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان جي ذميواري آهي ته سندن اميدن تي پورو لهون. علائقي ۾ ترقياتي ڪم، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي ايم اين اي حزب الله ۽ سندس فرزند امر خان ٻگهئي وڌيڪ چيو ته مختلف برادرين وچ ۾ ڀائيچاري، اتفاق ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن سماج جا سڀ طبقا گڏجي ڪم ڪندا ته علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن بڻجي سگهندي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت هميشه عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني آهي ۽ اسان به ان مشن کي اڳتي وڌائيندي علائقي جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪندا رهنداسين. آخر ۾ هن چيو ته عوام سان رابطو رکڻ ۽ سندن مسئلا ٻڌڻ ئي اصل سياست آهي، ۽ اسان جو در هميشه علائقي جي ماڻهن لاءِ کليل آهي.