English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: وڪيل سيد اعجاز شاهه پاران چيتنا گينگ ريپ ۽ قتل ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان
210 views
|
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڪجهه ڏينهن اڳ گھارو ۾ چيتنا سان گينگ ريپ ڪرڻ بعد کيس بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) گھارو ۾ هندو عورت سان زيادتي ۽ قتل جو واقعو، ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه جو مفت قانوني مدد ڏيڻ جو اعلان، گھارو ۾ هندو عورت چيتنا سان زيادتي ڪري بي رحماڻي نموني قتل ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ، دل ڏکوئيندڙ ۽ انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي۔ ضلع انساني حقن ڪميٽي، انساني حقن واري کاتي حڪومت سنڌ جي ميمبر ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هڪ بيگناهه عورت سان اهڙي درندگي رڳو قانون جي بالادستي لاءِ چيلينج ناهي پر سڄي سماج لاءِ به شرمناڪ عمل آهي۔ هن چيو ته هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا افسوسناڪ واقعا ٻيهر پيش نه اچن۔ ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه اعلان ڪيو آهي ته هو انسانيت جي بنياد تي مقتوله چيتنا جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هي ڪيس مفت ۾ وڙهندا ۽ آخري حد تائين قانوني جدوجهد جاري رکندا۔ هن چيو ته مظلوم خاندان کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ سندس اخلاقي ۽ سماجي ذميواري آهي۔ هن حڪومت سنڌ، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته هن ڪيس جي شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي ۽ اصل جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي ته جيئن مقتوله جي خاندان کي انصاف ملي سگهي۔ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي خاموش رهڻ ممڪن ناهي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وڪيل سيد اعجاز شاهه پاران چيتنا گينگ ريپ
0 تبصرے