English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ ڪراچي پاران ملير ۾ تربيتي ورڪشاپ، مختلف موضوعن تي ليڪچر
100 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ دوران “8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ عورتن جا حق” جي موضوع تي فرحان لاڙڪ ليڪچر ڏنو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ڪراچي پاران ضلعي ملير جي ميزباني هيٺ هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي جي اڳواڻن مختلف اهم موضوعن تي تفصيلي ليڪچر ڏنا۔ورڪشاپ دوران “8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ عورتن جا حق” جي موضوع تي فرحان لاڙڪ ليڪچر ڏنو، جڏهن ته “ملير سميت سموري سنڌ جي زمينن تي والار ڪيئن ڪئي وئي” جي عنوان هيٺ اشفاق چنڙ شرڪت ڪندڙن کي تاريخي ۽ موجوده صورتحال بابت آگاهي ڏني۔ان موقعي تي “سياست ڇو ضروري آهي ۽ پورهيت طبقن کي ڪهڙي سياست ڪرڻ گهرجي؟” جي موضوع تي منان شيخ خطاب ڪيو، جڏهن ته “سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال، ان جا فائدا ۽ نقصان” بابت ڪاشف خاصخيلي تفصيلي ليڪچر ڏنو۔ساڳئي طرح “مزدورن جا قانوني حق ۽ ٽريڊ يونين” جي موضوع تي غلام مرتضيٰ تنولي مزدورن جي حقن، قانوني تحفظ ۽ تنظيم سازي جي اهميت بابت شرڪت ڪندڙن کي ڄاڻ ڏني۔تربيتي ورڪشاپ ضلعي آرگنائيزر جنسار هيسباڻي ۽ سيڪريٽري سينگار بليدي جي اڳواڻي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ليڪچرن کان پوءِ سوال جواب جو سلسلو پڻ جاري رهيو، جتي شرڪت ڪندڙن مختلف معاملن بابت سوال پڇي پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سارے سندھ میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
مریم نواز نے پنجاب میں پبلک ٹرانسپورٹ مفت کرنے کا اعلان کر دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي 83هين يوم شهادت جي حوالي سان تقريب منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ ڪراچي پاران ملير
0 تبصرے