English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو
216 views
|
08th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شھرين سان خوش اخلاقي، ٿاڻن جي رڪارڊ جي درستگي ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت هدايتون جاري
شڪارپور (احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي صدارت هيٺ ضلعي جي سڀني ٿاڻن جي محرر اسٽاف سان هڪ خاص اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ شھرين سان خوش اخلاقي، ٿاڻن جي رڪارڊ جي درستگي ۽ سيڪيورٽي انتظامن بابت اهم هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون. اجلاس ۾ هدايت ڪئي وئي ته ٿاڻن جا رڪارڊ مڪمل طور تي اپڊيٽ ۽ درست رکيا وڃن، جڏهن ته پوليس نفري جي موثر تعيناتي داخلي ۽ خارجي رستن ۽ ٻين اهم هنڌن تي يقيني بڻائي وڃي. ايس ايس پي شڪارپور هدايت ڪئي ته امام بارگاهن، مسجدن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ باجماعت نماز جي وقت مناسب پوليس نفري موجود هجي، خاص طور تي شھادت يومِ حضرت عليؓ جي موقع تي ڪانٽي جنسي پلان تحت سخت سيڪيورٽي انتظامات يقيني بڻايا وڃن. عبادت ڏانهن اچڻ وارن ماڻهن جي مڪمل چيڪنگ ۽ جسماني تلاشي کان پوءِ ئي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ زور ڏنو ويو ته FIR يا ٻين معاملا ۾ شھري کان ڪنهن به قسم جي ڪرپشن برداشت نه ڪئي ويندي ۽ اهڙن عملدارن خلاف سخت محڪماني ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جو چوڻ هو ته پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد خوش اخلاقي، شفافيت ۽ قانون جي برابر عملداري سان مضبوط ٿئي ٿو، تنهن ڪري سخت لھجو، غير مناسب رويي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. بهترين ڪارڪردگي ۽ مثالي رويي وارن محرر اسٽاف جي حوصلا افزائي پڻ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ريڊر ٽو ايس ايس پي، شيٽ ڪلرڪ، هيڊ ڪلرڪ ۽ ٻيو لاڳاپيل عملو پڻ موجود هو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ج
0 تبصرے