English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير پاران ماھيگير اڳواڻ عبدالمجيد موٽاڻي جي مان ۾ تقريب منعقد
77 views
|
08th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عبدالمجيد موٽاڻي ماھيگير برادري جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اهم اڳواڻ آهي: خدا ڏنو شاهه/ فاطمه مجيد
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سينيئر ماھيگير اڳواڻ عبدالمجيد موٽاڻي جي مان ۾ “هڪ شام عبدالمجيد موٽاڻي جي نانءُ” جي عنوان سان شاندار تقريب ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، علائقي جي معززن، سامونڊي آبادين جي ماڻهن ۽ ملير جي مختلف علائقن مان سوين ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تقريب دوران پريس ڪلب طرفان عبدالمجيد موٽاڻي کي گلن جا هار پارايا ويا،اجرڪون پيش ڪيون ويون ۽ سندن سامونڊي خدمتن ۽ ماھيگير برادري جي حقن لاءِ جدوجهد کي ساراهيندي لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو ان موقعي تي سياسي، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي ماھيگير برادري جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اهم اڳواڻ آهي. هن چيو ته مجيد موٽاڻي سمنڊ سان جڙيل ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪري کين آواز ڏنو، جيڪو قابلِ تعريف عمل آهي. فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي پنهنجي سموري زندگي ماھيگيرن جي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي عالمي سطح تي به هن ماھيگيرن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جا دورا ڪيا.ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نذير ڀٽو چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي ابراهيم حيدري ۽ ملير جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته موٽاڻي وٽ سمنڊ بابت وسيع ڄاڻ آهي ۽ هو سامونڊي زندگي جو وڏو ماهر آهي. سماجي اڳواڻ يونس خاصخيلي چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي جي زندگي جدوجهد ۽ عوامي خدمت سان ڀرپور آهي. هن چيو ته ماھيگيرن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سندن آواز هميشه مضبوط رهيو آهي.سماجي اڳواڻ غلام نبي مگسي چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي رڳو هڪ فرد نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي. هن چيو ته موٽاڻي ماھيگير برادري کي منظم ڪري سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪيو.عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سجاد علي شاه چيو ته پريس ڪلب طرفان هي تقريب اهڙن ماڻهن جي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ منعقد ڪئي وئي آهي، جيڪي سماج جي بهتري لاءِ خاموشي سان ڪم ڪندا آهن. هن چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي سمنڊ ۽ ماھيگيرن جي تاريخ جو اهم باب آهن.صحافي سامي ميمڻ چيو ته عبدالمجيد موٽاڻي جي زندگي جدوجهد، علم ۽ سماجي خدمت جو روشن مثال آهي. هن چيو ته سندن سامونڊي ڄاڻ ايتري وسيع آهي جو يونيورسٽين جا شاگرد ۽ پروفيسر به سندن تجربن مان سکڻ لاءِ ساڻن رابطو ڪندا آهن.عبدالمجيد موٽاڻي تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر ماھيگير اڳواڻ عبدالمجيد موٽاڻي چيو ته هو سڄي زندگي سمنڊ ۽ ماھيگير برادري سان جڙيل رهيو آهي ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو. هن چيو ته ماھيگيرن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر گڏيل جدوجهد سان انهن مسئلن جو حل ممڪن آهي.هن چيو ته جڏهن ماھيگيرن سان ناانصافيون وڌيون ته هن سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ تنظيمون قائم ڪري جدوجهد جو آغاز ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ماھيگير برادري جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن مختلف ملڪن جا دورا به ڪيا.عبدالمجيد موٽاڻي چيو ته سندس رسمي تعليم محدود آهي، پر سمنڊ سان وابستگي کيس اهڙو تجربو ڏنو آهي جو تعليمي ادارن جا شاگرد ۽ استاد به سامونڊي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪندا آهن.هن تقريب جي انعقاد ۽ اعزاز ڏيڻ تي عوامي پريس ڪلب ملير، مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جو ٿورائتو پڻ ظاهر ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عبدالمجيد موٽاڻي ماھيگير برادري
عوامي پريس ڪلب ملير پاران ماھيگير اڳواڻ عبدالمجيد
0 تبصرے