English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورسي مڪلي جي جوڳي ڳوٺ ۾ ملهائي وئي
282 views
|
05th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڪلچرل فورم سرتين پاران تقريب منعقد، ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد تي کيس ڀيٽا پيش
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ملڪ جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورسي جي موقعي تي مڪلي جي جوڳي ڳوٺ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم سرتين پاران هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سرتين سٿ جي نگران ثنا صادق لاکو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ملڪ ۾ هارين، مزدورن، پورهيتن سميت مظلوم ماڻهن جي حقن جي حاصلات، حقيقي جمهوريت ۽ انساني حقن جي بحالي لاءِ تاريخ ساز جدوجهد ڪئي. هن چيو ته نواز شريف ۽ ڄام صادق جي دورِ حڪومت ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي سکر کان ڪراچي تائين امن مارچ ڪري انساني ۽ جمهوري حقن جي بحالي لاءِ بهادراڻي جدوجهد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي آمريت توڙي بظاهر جمهوري دورن ۾ قيد و بند جون سختيون برداشت ڪيون پر آمرن ۽ ڏاڍ ڪندڙ قوتن آڏو ڪڏهن به نه جهڪيو. ميڙاڪي دوران شرڪت ڪندڙ سرتين ۽ ٻارڙن ڪامريڊ ڄام ساقي جي تصوير ۽ شاهه جي رسالي تي گلن جي ورکا ڪري سندس انقلابي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪندي عظمت ڀريو سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر حجاب فاطمه، ساران علي، ڪائنات جوکيو، ڪامريڊ بختاور سميت معصوم ٻارڙا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ ڪلچرل فورم سرتين پاران
ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورسي
0 تبصرے