English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
همايون شريف ڀرسان ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا نوجوان کان هڪ لک رپيا ڦر
176 views
|
04th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي شڪارپور جي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو متاثر نوجوان سان ملاقات ڪري ڦر بابت ڄاڻ ورتي
شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور جي ھمايون ايٽ جاڳڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڌاڙا، ڦريون روز جو معمول بڻيل ماڻھون غير محفوظ موٽر سائيڪل ڦر به عروج تي گذريل ڏينھن ھمايون شريف واسي ٿيليسيميا جي مريض طيب سڌايو کان علاج جا ھڪ لک روپيا ڦورو ڦري ويا متاثر نوجوان طيب سڌايو سندس والد عبدالخالق سڌايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جتي متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب آھيون علاج جو ڦرجي ويل ھڪ لک روپيا به اوڌر تي وٺي علاج ڪرائڻ لاء وڃون پيا ڏوھارين رقم ڦري وڏي ناجائزي ڪئي آھي ھنن پاران آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس يس پي شڪارپور کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته نوٽيس وٺي ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري رقم رڪوري ڪرائي وڃي ھوڏانھن ايس ٽي پي شڪارپور جو اڳواڻ سماج سڌارڪ ڪامريڊ احسان جيھو پاران سڌايا برادري ھمايون شريف جي نوجوان ٿيليسميا جي مريض طيب سڌايو سان پيش آيل ڦر واقعي سبب شڪارپور کان ھمايون شريف پھچي تفصيلي ملاقات ڪئي وئي جتي متاثر نوجوان طيب سڌايو ڳالھائيندي چيو تہ ھو پنھنجي علاج لاء چوڏھيو سڌايو مان مامي کان ھڪ لک روپيا وٺي چوڏھيو لنڪ روڊ سان ھمايون طرف اچي رھيو ھيو ته رستي ۾ فيض واھ وٽ ٽن ھٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي روڪي ورتو جن ھڪ لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙي ڦرلٽ واقعي خلاف سماجي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو پاران شڪارپور کان ھمايون شريف پھچي متاثر نوجوان سان ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو ويو ۽ ھمدردي جو يقين ڏياريندي ايس ايس پي شڪارپور کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جڏھن تہ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ۽ ايم پي اي توڙي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ڪابينه ۾ شامل صوبائي صلاحڪار مير بابل خان ڀيو کي گھرجي ته ھو ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا متاثر نوجوان کي علاج لاء ھڪ لک روپيا ڦرجي ويل رقم رڪوري ڪرائي ڏياري وڃي يا کيس پنھنجي طرفان ڏني وڃي ته جيئن متاثر نوجوان طيب سڌايو پنھنجو علاج ڪنٽينيو ڪرائي سگھي ٻئي پاسي ڪمانڊر باغ علي سڌايو وٽ پھچي اک جي آپريشن ڪرائي اچڻ تي عيادت ڪئي وئي انھي موقعي تي سوشل ايڪٽوسٽ راشد سڌايو بہ کيس گڏ ھيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
همايون شريف ڀرسان ٿيليسيميا ج
0 تبصرے