بٺا مزدورن جي ٻارن سان هولي ملهائڻ جي لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، خديجا بلوچ، سورج ڪمار مالهي ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ پاران مقامي بٺا مزدورن جي ٻارن لاءِ سرن جي بٺي تي هڪ شاندار ھولي جي تقريب رکي جشن ملهايو ويو، جنهن ۾ ٻارن جي چهري تي مسڪراهٽ ۽ خوشي جا رنگ ڀرجي آيا، پروگرام ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ جي نمائندن خديجه بلوچ ۽ سورج ڪمار مالھي پڻ شرڪت ڪئي، جن ٻارن سان گڏ رنگن سان راند ڪئي ۽ ٻارن جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو، سماجي تنظيم اسپارڪ جي اڳواڻ خديجه بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو مقصد آهي ته مقامي مزدورن جا ٻار به خوشيون محسوس ڪن ۽ سماجي تقريبن ۾ شامل ٿي سڪون، ھولي جهڙي راندين سان ٻارن ۾ گڏجي کيڏڻ ۽ رنگن جي خوشبوءِ محسوس ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، ٻارن سان گڏ رنگن جو ڏينهن ملهائڻ ۾ مصروف رهيو ۽ کين مختلف دلچسپ رانديون ڪرائڻ سان گڏ خوشيون ڏيکاريون، ٻارن جي والدين پڻ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا پروگرام سندن ٻارن لاءِ سماجي ۽ جذباتي ترقي ۾ مددگار آهن، ھولي جشن دوران ٻارن لاءِ رنگ وغيره ۽ مزيدار مٺايون موجود هيون، جڏهن ته راندين ۽ رقص سان ماحول جو پر جوش رھيو، مقامي ماڻھن ۽ شرڪت ڪندڙن به پروگرام کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ اهڙيون سرگرميون جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
0 تبصرے