مورو ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين آفيسرن پاران امتحاني مرڪزن جا دورا

آفيسرن پاران مورو ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جي سالياني امتحانن جي مختلف مرڪزن جا دورا ڪيا ويا

مورو ۾ ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين آفيسرن پاران امتحاني مرڪزن جا دورا

مورو(جاني جماڻي ) مورو جي گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج ۾ اعليٰ عملدارن امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو، ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو، ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قریشی ، ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو، ڊي ايس پي مورو ڊاڪٽر فائزه سوڍر ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا، مورو ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جي سالياني امتحانن جي مختلف مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو، دوري دوران امتحاني عمل جو جائزو ورتو ويو ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا، اختيارين ڪاپي مافيا خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي، آفيسرن مختلف امتحاني مرڪزن تي انتظامن کي اطمينان بخش قرار ڏنو ۽ چيو ته مورو ۾ امتحان منظم ۽ سٺي انداز ۾ هلي رهيا آهن، انهن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته امتحاني عمل کي هر وقت شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻايو وڃي پر ان کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن کي منصفانه ماحول فراهم ڪري سگهجي.