English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران ٺٽي جي تعلقن ۽ سٽي تنظيمي ذميوارن جو اعلان
15 views
|
22nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جي منظوري توڙي ڊويزن ۽ ضلعن جي مشاورت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو طرفان ضلعي ٺٽي جي سڀني تعلقن/سٽي جي تنظيمي ذميوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو اھي، جنھن تحت اڳ ۾ ئي ضلعي ٺٽي لاء صدر صادق علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ۽ انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود عالم شاھ بخاري کي منتخب ڪيو ويو ھو ۽ رھيل باقي عھدن تي نون عھديدارن جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنھن تحت پ پ پ ضلعي ٺٽي لاء عبدالحميد پنھور سينيئر نائب صدر، سيد رياض حسين شاھ شيرازي، عاشق حسين زرداري ۽ ممتاز جلباڻي نائب صدر، جهانگير پالاري ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، امين بروهي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، حيدرسمون ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، بشير احمد جوکيو سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، محرم چوھان پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، جان محمد ٿھيم فنانس سيڪريٽري، آفتاب جاويد ميمن آفيس سيڪريٽري، جڏھن تہ تعلقي ٺٽي لاء عبدالحميد سومرو صدر، معشوق ببر سينيئر نائب صدر، احمد پالاري، جميل دل ۽ ممتاز جاکرو نائب صدر، سردار حاجي منور ھيلايو جنرل سيڪريٽري، غلام مصطفىٰ جوکيو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، مير محمد برفت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، فيض محمد (ڀورو) سرڪي انفارميشن سيڪريٽري، غلام مصطفىٰ سمون ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، شيراز کتري ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، سڪندر ميمن سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، ارشاد پليجو پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، شمس شورو فنانس سيڪريٽري، اڪرم ميمن آفيس سيڪريٽري، جڏھن تہ تعلقي ميرپور ساڪرو لاء مشتاق احمد بگھيار صدر، فقير نبي بخش بلوچ سينيئر نائب صدر، طارق ڪلمتي ۽ عرس ميربحرنائب صدر، ميربابو پنھور جنرل سيڪريٽري، طفيل ميمن ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، شهباز چانڊيو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، سچل خاصخيلي انفارميشن سيڪريٽري، ظفر سومرو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، حق نواز لاشاري ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، ممتاز رند سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، عبدالشڪور ڪوڊن پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، علي محمد شيخ فنانس سيڪريٽري، اصغر نواز شيخ آفيس سيڪريٽري، تعلقي گھوڙا باري لاء رمضان پنھور صدر، اسلم خشڪ سينيئر نائب صدر، شير خان چانڊيو، رضا زنگياني ۽ علي نواز لاکو نائب صدر، محمد ميمن جنرل سيڪريٽري، مبارڪ رند ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، لقمان جاڙو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، غلام نبي شيخ انفارميشن سيڪريٽري، غلام مصطفىٰ جٽ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، ممتاز شورو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، ڪرم علي گمبو سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، عبدالرزاق اوٺو پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، اقبال آرائين فنانس سيڪريٽري، قادر بخش ھيلايو آفيس سيڪريٽري، تعلقي ڪيٽي بندر لاءعبدالواحد ميمن صدر، ھارون ڪنڀار سينيئر نائب صدر، موريو جت، خدا بخش سوڀاڻي ۽ پير قادر ڏنو شاه نائب صدر، ذاڪر ڪڙمون جنرل سيڪريٽري، عبدالحفيظ ملاح ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، گلزار سمون ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، عبدالفتح مرگر بلوچ انفارميشن سيڪريٽري، عثمان لوهار ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، احمد خان قناد ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، زين العابدين اوٺو سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، جاويد ميمن پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، خميسو خاصخيلي فنانس سيڪريٽري، علي احمد سنگھار آفيس سيڪريٽري، جڏھن تہ ٺٽو سٽي لاء عبدالعزيز ميمن صدر، سهيل پليجو سينيئر نائب صدر، ذوالفقار ميمن، اشفاق قاضي ۽ نور حسن سرڪي نائب صدر، مجتبيٰ خشڪ جنرل سيڪريٽري، رياض کڏائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، نذير منڊو ڊپٽي جنرل سيڪريٽريمظھر ميمن انفارميشن سيڪريٽري، ارشاد ناھيو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، فرحان ميمن ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، علي رضا عارفاني سيڪريٽري رڪارڊس اينڊ ايونٽس، الله رکيو صابرو پبلڪ رليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري، جمن عمراڻي فنانس سيڪريٽري، عبداللطيف ميمن آفيس سيڪريٽري، کي چونڊيو ويو. جن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو اھي، ان موقعي تي وقار مھدی ۽ شرجیل انعام میمن سميت سموري قيادت سڀني چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته اهي پارٽي جي ڏنل ذميوارين کي نظم ۽ ضبط سان بهتر نموني نڀائي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بینظیر ڀٽو جي فڪر ۽ فلسفي کي وڌيڪ اجاگر ڪري گهر گهر وڃي سندن پيغام کي پهچائي عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رھندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو
0 تبصرے