English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير، شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر اٿلي پيا، ڪچري جا به ڍير لڳل، پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي شامل ٿيڻ سبب علائقي واسي پريشان
134 views
|
19th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ گٽر جو پاڻي ڪيترن ڏينهن کان بيٺل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪائونسل شاهه لطيف ٽائون ۾ انتظاميا جي مبينا غفلت ۽ نااهلي سبب صفائي ۽ نيڪال جو نظام مڪمل طور مفلوج ٿي ويو آهي، جتي گذريل ٻن هفتن کان گٽرن اٿلڻ ۽ ڪچري جي ڍيرن علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته گٽر جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي جي لائينن ۾ شامل ٿيڻ سبب صحت جو بحران پيدا ٿي ويو آهي۔علائقي واسين موجب شاهه لطيف ٽائون جي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ گٽر جو پاڻي ڪيترن ڏينهن کان بيٺل آهن، جنهن سبب روڊ ۽ گهٽيون گندي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن۔ بدبودار پاڻي گهرن اندر داخل ٿيڻ لڳو آهي، جڏهن ته ڪيترن هنڌن تي سيوريج جو پاڻي صاف پيئڻ واري پاڻي جي لائينن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي گٽر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔ رهواسين جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن هفتن دوران ابراهيم حيدري ٽائون ۽ يوسي شاهه لطيف ٽائون جي چيئرمين کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون، لکت ۾ درخواستون ڏنيون ويون ۽ فون ذريعي پڻ آگاهه ڪيو ويو، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي۔ علائقي واسين ٻڌايو ته مختلف هنڌن تي ڪچري جا ڍير پڻ لڳي ويا آهن، جن مان بدبو پکڙجي رهي آهي ۽ مڇرن ۽ مکين جي واڌ وڌي وئي آهي، جنهن سبب ڊينگي، مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين وبائي بيمارين پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔ ٻارن، بزرگن ۽ عورتن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڳ ئي پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن۔ علائقي واسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽائون ۽ يوسي انتظاميا صرف دعوائن تائين محدود آهي، جڏهن ته عملي طور ڪو به قدم نه کنيو پيو وڃي رهواسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور گٽر جي پاڻي جي نيڪال، صفائي سٿرائي ۽ ڪچري جي ڍيرن کي نه هٽايو ويو ته هو احتجاج تي مجبور ٿيندا۔ علائقي واسين ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنر ملير، واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انساني جانين کي لاحق خطري کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي نيڪال آب ۽ صفائي جا قدم کنيا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير، شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر اٿلي
0 تبصرے