نوشهروفيروز: نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ ٽن ڏينهن جو نيشنل يوٿ سمٿ پروگرام ٿي گذريو

صوبائي وزير محمد بخش مهر، سيڪريٽري سنڌ منور علي مهيسر نوجوانن کي سليڪٽ ڪري پروگرام ۾ شامل

نوشهروفيروز: نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ ٽن ڏينهن جو نيشنل يوٿ سمٿ پروگرام ٿي گذريو

نوشهروفيروز (ڊر) نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ ٽن ڏينهن جو نيشنل يوٿ سمٿ پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس ڊپارٽمينٽ گورنمنٽ آف سنڌ چيف سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري سنڌ منور علي مھيسر پاران سنڌ جي مختلف علائقن مان نوجوانن کي سليڪٽ ڪري سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ سماجي اڳواڻ زويا لاڙڪ سميت سيڪريٽري اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرس مس درا بلوچ۔ مينا مجيد بلوچ ۔ڊائريڪٽر الياس بلوچ۔ رضوان ملاح۔ معيظ حسين پڻ شرڪٿ ڪئي۔ پروگرام ۾ سنڌ، خيبرپختونخواه، گلگت بلتستان، سميت پنجاب جي نوجوانن کي ٽريننگ ڏئي سماجي اڳڀرائين، انساني حقن، ڪاروبار جا جديد طريقا سيکاريا ويا۔ ان موقعي تي نوجوان جي ڪمائي جي صلاحيتن جي پروجيڪٽ تي کين ڪيش رقم انعام طور ڏني وئي پروگرام جي آخر ۾ گوادر جو دورو پڻ ڪرايو ويو۔جنهن مان نوجوانن ڀرپور معلومات پڻ حاصل ڪئي ۽ حڪومت جو شڪريو پڻ ادا ڪندي چيو ته نوجوان مستقبل جو آئينو آهن انهن کي اهڙا معلوماتي پروگرام ڪرائڻ سان ملڪ ۽ قوم لاء مثبت ثابت ٿيندا ڇوته نوجوانن کي ايندڙ وقت ۾ ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون آهن انڪري انهن جي تربيت ڪرڻ بيحد ضروري آهي