English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ رهواسين جو سوناري خلاف احتجاج، لکين رپين جي فراڊ جو الزام
48 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ، ر) عمرڪوٽ جي علائقي ڪولھي دڙو سان تعلق رکندڙ گينو ڪولھي الزام لڳايو آهي ته راجيش ولد جيرام داس، جيڪو سونارو آهي ۽ سندن واقف ( ڌرميلو ) پڻ رهيو آهي، 12 سال اڳ ضرورت جي وقت 2 تولا ڪچو سون، 125 تولا چاندي ۽ 10 لک 70 هزار روپيا نقد طور ورتا هئا، متاثر ڌر موجب، هي رقم ۽ زيور سندن معذور نياڻي جي شادي لاءِ گڏ ڪيا ويا هئا قرض بہ کنيو ويو ھو، جنهن لاءِ هنن پنهنجو مال ملڪيت به وڪرو ڪيو هو، شروعات ۾ جوابدار طرفان رقم ۽ سون چاندي واپس ڪرڻ جا واعدا ڪيا ويا ۽ مختلف بهانا، جهڙوڪ لاٽري کُلڻ وغيره، ڏئي وقت گذاريو ويو، پر بعد ۾ مڪمل طور تي انڪار ڪيو ويو، گينو ڪولھي جو چوڻ آهي ته جڏهن هنن پنهنجو حق گهرڻ لاءِ آواز اٿاريو ته جوابدار طرفان سندن خلاف هراسمينٽ جي درخواست به داخل ڪرائي وئي، جيڪا عدالت طرفان رد ٿي چڪي آهي، متاثر ڌر موجب هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ سٽي ٿاڻي سميت مختلف هنڌن تي درخواستون ڏنيون آهن، پر اڃان تائين ڪا به اثرائتي ڪاروائي عمل ۾ نه آئي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آهن، گينو ڪولھي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هو سخت مالي تڪليف ۾ آهن ۽ سندن معذور نياڻي جي شادي لاءِ رکيل رقم واپس نه ملڻ سبب گهرو حالتون انتهائي ڏکيا ٿي ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ سميت اعليٰ اختيارين فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن ۽ سندن رقم ۽ زيور واپس ڪرايا وڃن، متاثر ڌر چيو آهي ته جيڪڏهن کين جلد انصاف نه مليو ته هو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندا ۽ الله والا چوڪ تي پنھنجي پاڻ کي باھ ڏئي زندگي جو انت آڻيندا جنهن جي ذميواري راجيش سونارو ۽ انتظاميه تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ رهواسين جو سوناري خلاف
0 تبصرے