English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڌناسر واقعي جو رخ تبديل، ڪيلاش ڪولھي سامهون اچي ويو
139 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اغوا ۽ قتل جو خدشو ظاهر ڪيل ڌنار ڪيلاش ڪولهي کي پوليس حوالي ڪيو ويو
عمرڪوٽ (ڊ ، ر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڌناسر ۾ ڪيلاش ڪولھي جي مبينا اغوا ۽ قتل واري ڪيس جو رخ اوچتو تبديل ٿي ويو آهي، جنهن بعد ابتدائي طور لڳايل الزامن تي ڪيترائي سوال اڀري آيا آهن، خبر موجب گذريل ڏينهن ڪيلاش ڪولھي جي گمشدگي بعد ڪولھي برادري طرفان مھر برادري تي سنگين اغوا ۽ قتل جا الزام لڳايا ويا ۽ احتجاج ڪندي مين روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي ۽ عام شهري پريشاني جو شڪار بڻيا، بعد ۾ رات دير سان نوجوان ڪيلاش ڪولھي پاڻ ظاهر ٿي پوليس حوالي ڪيو ويو، پنهنجي بيان ۾ هن ٻڌايو ته هو گاھ ڪرڻ لاءِ ويو هو، جتي ڪجهه ماڻهن ساڻس جهيڙو ڪيو، پر هو اتان بچي نڪري ويو ۽ ويجهو هڪ واٽر موري هيٺ لڪي ويو، جتان ڪجهه وقت گذارڻ بعد واپس گهر پهتو، واقعي کان پوءِ مھر برادري پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي مھر الدين مھر، عبدالستار مھر، يوسي چيئرمين محمد عارف مھر، محمد بخش مھر، وارث مھر، دلبر مھر، الهبچش مھر، فقير محب منگريو ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته کين بنا تصديق جي ڪوڙن ۽ من گهڙت ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سندن ساک کي نقصان پهچايو ويو، هنن دعويٰ ڪئي ته ڪيلاش ڪولھي سندن زمين تي مشين چوري ڪرڻ آيو هو ۽ سڏ ڪرڻ تي فرار ٿي ويو، جڏهن ته بعد ۾ کيس غائب ڪري اغوا ۽ قتل جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ويو، مھر برادري جي اڳواڻن وڌيڪَ الزام لڳايو ته ڪجهه اقليتي ڪامريڊن ذاتي مفادن خاطر ڪولھي برادري جي ماڻهن کي استعمال ڪندي صورتحال کي تڪراري بڻايو، جنهن سان نه رڳو بي بنياد الزام لڳا پر مھر برادري جي ساک کي به نقصان پهچايو ويو، مھر برادري موجب نوجوان جي سامهون آيل بيان سندن موقف جي تصديق ڪري ٿو، اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ڪوڙا الزام لڳائيندڙ عنصرن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، واضح رهي ته واقعي جي شروعاتي مرحلي ۾ لڳايل سنگين الزامن، روڊ بلاڪ ٿيڻ ۽ پوءِ صورتحال جي اوچتي تبديلي سبب علائقي ۾ بيچيني پيدا ٿي، جڏهن ته سماجي حلقن موجب اهڙن حساس معاملن ۾ بنا تصديق خبرن جي ڦهلاءَ سان بيگناهه ماڻهن جي ڪردار ڪشي ٿيڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
سندھ
وفاق ونڈ اور سولر پاور پلانٹس لگانے کی اجازت نہیں دیتا، سندھ میں طویل لوڈشیڈنگ کی مذمت کرتا ہوں: وزیراعلیٰ سندھ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ملڪيت جي تڪرار تان پٽ دوست سان گڏ پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي جوابدار گرفتار
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول جي عدالت زال جي قتل ڪيس جي جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: ڌناسر واقعي جو ر
0 تبصرے